سوائي خان ڇلگري کي گريڊ 20 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري

سوائي خان ڇلگري کي گريڊ 20 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي سليڪشن بورڊ-I جي اڄ ٿيل اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي سينيئر ڊائريڪٽر سوائي خان ڇلگري کي گريڊ 20 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. واضح رهي ته سوائي خان ڇلگري کي گذريل ڏينهن ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز جون اضافي ذميواريون ڏنيون ويون هيون. 20 هين گريڊ ۾ پروموشن جي منظوري کانپوءِ سوائي خان ڇلگري هاڻي ڊائريڪٽر (جنرل پبلڪ رليشنز) سنڌ انفارميشن ڊپارٽمينٽ طور مڪمل اختيار سنڀاليندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو