ٺاروشاهه (اسد شاهه) مڃٺ ۾ سهڙا مائينر کي آر ڊي 63 وٽان 50 فوٽن کان وڌيڪ گهارو، فصل لڙهي ويو، آبپاشي عملو نه پهتو، گهاري جو پاڻي ڳوٺ ڇٽو کوسو ۾ داخل ٿي ويو، ڳوٺاڻا گهرن مان نڪري محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿي ويا، 7 ڪلاڪ گذرڻ بعد آبپاشي عملو پهتو، 50 فوٽ کان وڌيڪ گهاري سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ۽ لڻيل سارين توڙي ٻيا فصل لڙهي ويا،

ڳوٺاڻن قمرالدين کوسو، مظھر سهتو، وحيد کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ته رات دير سان سهڙا شاخ کي گهارو پيو، اطلاع باوجود آبپاشي عملو يا عملدار نه پهتا، گهارو 50 فوٽ کان وڌي ويو آهي، اسان جو وڏو نقصان ٿيو آهي7 ڪلاڪن کانپوءِ آبپاشي عملو ۽ عملدار آيا آهن ليڪن ان کان اڳ اسان جو گهڻونقصان ٿي چڪو آهي.










