سن ڀرسان حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي

سن ڀرسان حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي

سن: (ن س) سن ويجهو سرائي سولنگي اسٽاپ ڀرسان وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.مقامي ماڻهن ۽ سن پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمي تعلقي اسپتال مانجهند پهچايا،5 زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.ڪار سوار 3 فوتين جي لڪي شاهه صدر واسي نظر محمد شاهه، سيد سرور شاهه ۽ سيد حميد شاهه طور سڃاڻپ ٿي آهي.زخمين ۾ نصرت، جنت، مديحه زال اقبال بلوچ، آصفه زال غوث بخش، ذيشان، طيب گبول، انيتا، عابده، زاهده ۽ ٻيا شامل آهن، 5 زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو