سنڌ ۾ 7 مئي تي ضمني مڪاني اليڪشن جون تياريون

سنڌ ۾ 7 مئي تي ضمني مڪاني اليڪشن جون تياريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 7 مئي تي ضمني بلدياتي اليشن جون تياريون جاري آهن شهر جي 11 يونينڪائونسلز ۾ اليڪشن ٿيندي جيڪي اميدوارن جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيون هيون سينٽرل ضلعي جي ٽن ڪائونسل تي يو سي چيئرمين جي چونڊ ٿيندي ۽ ٽي ايم سي نيو ڪراچي جي يو سي 4، 13 ۽ 6 تي چونڊ ٿيندي ڊسٽرڪٽ ڪورنگي جي 3 يونين ڪائونسلز تي اليڪشن ٿيندي ڪورنگي ضلعي جي ٽي ايم سي شاهه فيصل 3، ٽي ايم سي لانڍي جي يو سي 2 ۽ 8 تي اليڪشن ٿيندي. ضلعي ويسٽ ٽي ايم سي بلديه جي يو سي 8 تي اليڪشن ٿيندي، ٽي ايم سي اورنگي جي يو سي 2 ۽ 1 تي اليڪشن ٿيندي ٽي ايم سي نيوڪراچي يو سي 6 تي چيئرمين جي اليڪشن ٿيندي مردن جون 4 عورتن جون 4 ۽ گڏيل 22 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڪل ووٽرز جو انگ 56482 آهي يو سي ۾ مرد ووٽرز جو انگ 29962 ۽ 27020 وومين ووٽرز آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو