سنڌ ۾ ڪو قانون ناھي،دھشتگردي، درندگي ۽ طاقت جو راڄ آھي

سنڌ ۾ ڪو قانون ناھي،دھشتگردي، درندگي ۽ طاقت جو راڄ آھي

حيدرآباد(ن س)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي مانجھند ۾ پسند جي شادي جي پلاند ۾ گھر تي حملو ڪري 13 سالن جي معصوم ٻارڙي زينب فاطمہ کي اغوا ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي فوري طور سندس بازيابي جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ ۾ ڪو بہ قانون ناھي. دھشتگردي، درندگي ۽ طاقت جو راڄ آھي. جنھنڪري جيڪو طاقتور آھي اھو پنھنجي مرضي جا فيصلا ڪري ٿو ۽ پنھنجي عدالت لڳائي ٿو. مانجھند ۾ پسند جي شادي تان ھٿياربندن گھر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن کي رتورت ڪري ڇڏيو ۽ معصوم ٻارڙي کي اغوا ڪري ورتو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت معصوم نياڻي جي زندگي غير محفوظ آھي پر حڪومت ايندڙ اليڪشن جا خرچ ڀرڻ لاءِ نون پراجيڪٽس ذريعي ڪرپشن جي منصوبابندي ڪري رھي آھي. ڪنھن وزير اڃا تائين معصوم نياڻي جي وارثن سان رابطو ناھي ڪيو ۽ نہ ئي پوليس کي ڪي حڪم جاري ڪيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته معصوم نياڻي جي اغوا جو واقعو وزيراعلي جي تڪ جو واقعو آھي. جنھن مان دنيا اندازو لڳائي تہ باقي سنڌ ۾ ڪيترو عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ھوندو. اياز لطيف پليجي مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي معصوم ٻارڙي زينب فاطمہ کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو