ليکڪ، حسن ناز سومرو
سنڌ صوبي کي هميشه بين الاقوامي يتيم خانو سمجھيو ويندو رهيو آهي، سنڌ ۾ دنيا جا ڌڪاريل، بيواهن، ۽ دهشتگردن کي هميشه سنڌ ۾ پناھ ڏني ويندي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ سنڌ جا اصل رهاڪو ويڳاڻائپ واري زندگي گذاري رهيا سنڌ جي اصل رهاڪن کي اڄ به سنڌ ۾ کائڻ لاءِ نه اٽو آهي نه پهرڻ لاءِ لٽو آهي ۽ نه ئي وري رهڻ لاءِ ڪو اجھو به آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جا چونڊيل نمائندن هميشه ڌارين جي همت افزائي آهي ۽ پنهنجن کي ڌڪاري ڌار ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ رهڻ جي لوڀ تي ڌاريا اسان جي چڱن مڙسن کي پنهنجون نوجوان ڌيئر ۽ ڀينر ڏيئي سنڌ ۾ پنهنجو پاڻ کي مٿين مڪان تي سمجھي سنڌي مٿان ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيندا رهيا آهن پر افسوس جو اسان سنڌين کي ڪابه سمجھ نه اچي سگھي آهي. سنڌ ۾ ڌاريا سنڌ کي مال غنيمت سمجھي داويدار ٿيندا آهن اڄ ڪشمور کان ڪراچي تائين سنڌ جو هر شهر ڪٿي پٺاڻن ته ڪٿي ٻروچن، ڪٿي بنگالين ته ڪٿي برمين، ڪٿي اغوانين ۽ ڪٿي انڊين اچي ديرا ڄمايا آهن پر هاڻي سنڌ مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشميرين کي سنڌ ۾ ترسائڻ جو پهاڙ ڪيرائڻ جي منظوري به ڏني ويئي آهي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري تي اسان وٽ اهو نظام لاڳو ٿي ويندو آهي جيڪو هڪ ڀيرو سنڌ ۾ داخل ٿي ويو اهو وري ڪڏهن به هتان نه نڪرندو جيڪڏهن حڪومت عوام جي دٻاءُ ۾ اچي ڪري ڪنهن طريقي سان ڌارين کي هتان تڙڻ جي ڪوشش ڪندي به آهي ته اهي ڌاريا ظاهري طرح هتان هليا ويندا آهن پر ٻئي ڏينهن تي غير قانوني طريقي سان سنڌ ۾ داخل ٿي هو هميشه جي لاءِ سنڌ جي سينڌ ميري ڪندا رهندا آهن. 1989ع ڌاري ڪشمير اندر ڪجھ ڪشميرين کي تڙي ٻاهر ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ اهي ڪشميري 32 سالن کا دربدري واري زندگي گذاري رهيا هئا پر گذريل ڏينهن حڪومت پاڪستان جي چئن ئي صوبن جو اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ پاڪستان جي ٽن صوبن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي پر پنجاب صوبي جي ڪنهن به نمائندي شرڪت نه ڪئي جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته ڪشمير مان تڙجي نڪتل مهاجرن کي هميشه جي لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ترسائجي سو ان سلسلي ۾ سنڌ جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت نامه پڻ جاري ڪيا ويا آهن ته هو پنهنجي ضلعي جي پوري سروي رپورٽ ٻڌائن ته ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي سرڪاري زمين خالي پيل آهي سو اهڙي قسم جي هڪ رپورٽ ٺاهي وفاقي سرڪار ڏانهن پڻ اماڻي ويئي ۽ ان رپورٽ کي مدنظر رکندي اهو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي ته ڪشمير مان تڙجي آيلن کي سنڌ ۾ بدين جي علائقي سجاول ۾ پڻ ترسايو ويندو جتي انهن ڪشميري پناه گيرن 6 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي ويئي آهي ۽ تمام جلد انهن ڪشميرين لاءِ جڳهون ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو اهڙي قسم جي پڌرائي ڊپٽي ڪمشنر سجاول پڻ ڪئي آهي. سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سلسلو ڪو نئون ڪونه آهي پر پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ هي سلسلو زور ۽ شور سان جاري آهي.هڪ طرف حڪومت وقت ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ وسان نه پئي گھٽائي ته ٻئي طرف دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو ۽ پاڪستان جي مختلف صوبن جي ماڻهن جو سنڌ ۾ چوري لڪي اچڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي پر اسان جي صوبي ۾ ڪنهن به ڌارئي ماڻهو کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ تي ڪابه پابندي لاڳو نه آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ سنڌ جي ڌرتي سوڙهي ٿيندي نظر اچي رهي آهي سنڌ جو ۽ سنڌي ماڻهن جو مستقبل داع تي لڳي چڪو آهي، اڄ به سنڌ دشمن عناصر سنڌ کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي چڪر ۾ رڌل آهن سو هڪ ڀيرو سنڌ ۾ ڌارين کي آڻي آباد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي رهيو آهي پر افسوس جو اسان جي سنڌ جا سنڌي گهري ننڊ ۾ ستل آهن پر هاڻي سنڌي قوم کي اک پٽڻي پوندي آهي سو سنڌ ۾ نه فقط ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻو پوندو پر سنڌ ۾ اڳ ۾ آيل ڌارين کي به واپس ڪرڻو پوندو سو اسان سنڌين کي ڪشمير مان تڙجي آيل ڪشميرين جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي صورت ۾ مذاحمت ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن وقت سنڌ ۾ والاريل ڪشمير جي پناھ گيرن کي سجاول جي علائقي جاتي ۽ شاه بندر ۾ سروي جي ڪم کي مڪمل ڪيو ويو آهي سو تمام انهن پناھ گيرن کي سنڌ ۾ ٻڌايل علائقن ۾ ترسائڻ جو پورو پورو بندوبست ڪيو پيو وڃي، انهن پناھ گيرن جي اچڻ سان نه فقط معيشت تي وڏو وزن پوندو سنڌي ماڻهن جي حقن تي به ڌاڙو لڳايو ويندو ڇاڪاڻ ته انهن پناه گيرن جي اچڻ سان اهي سنڌ جي زمين، سنڌ جي نوڪرين ۽ سنڌ جي بجيٽ جا به مالڪ بڻجندا سو سنڌ سرڪار اهڙو فيصلو ڪرڻ کان اڳ ۾ هڪ ڀيرو سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جي حال تي نظر وجھن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ويساءُ گھاتين تي ويچار ڪن. نه ته ٻئي صورت ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام ڪڏهن به سنڌ دشمن عنصرن کي معاف نه ڪندي. hassannazsoomrohyd@gmail.com










