سنڌ ۾ مون سون جو وسڪارو، ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌيڪ، بجلي غائب

سنڌ ۾ مون سون جو وسڪارو، ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌيڪ، بجلي غائب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گادي واري شهر ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز بارش ٿي رهي آهي.  سنڌ جي ڏاکڻي پٽي ۾ ڀارتي شهر گجرات کان مون سون جو سلسلو داخل ٿي ويو آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 16 جون تائين پهرين بارش جي لهر جاري رهندي. سڀ کان وڌيڪ بارش گلشن حديد ۾ رڪارد ٿي جيڪا 16 ملي ميٽر آهي. نوري آباد ۾ 8 ملي ميٽر ۽ ٻين علائقن ۾ 3 کان 4 ملي ميٽر بارش ٿي آهي. بارش سبب گرمي جو زور ته ٽٽو آهي پر ڪجهه علائقن ۾ بجلي غائب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو