ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ قائم مدرسن کي تعليمي ادارن طور رجسٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. احڙو فيصلو وڏي زير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ منظوري ڏني وئي ته اوقاف کاتي بدران تعليم کاتو مدرسن جي رجسٽريشن ڪندو. وڏي وزير چيو ان موقعي تي چيو ته مدرسن جو مفت تعليم مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي.

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن وقت 8195 مدرسا ۽ امام بارگاهون آهن، اجلاس ۾ قانون بابت مشير اسٽريٽ ڪرائيم خلاف قانون سازي بابت بريفنگ به ڏني.جنهن تي وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ نئون قانون ٺهڻ تائين موجود قانون تحت ڪرائيم ڪيسز هلائڻ گهرجن. هن چيو ته رڳو قانون ٺاهڻ ڪافي نه آهي، اُن تي عمل به ضروري آهي، ڪيسز ڪمزور هجڻ سبب ڏوهاري آزاد ٿي ويندا آهن، اهڙا ڪيسز ٺاهيا وڃن جو جوابدارن جي سزا يقيني بڻجي وڃي، پوليس کي به چالان بهتر نموني ٺاهڻ جي هدايت، اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ڪيسز تي ٻڌڻي لاءِ الڳ جج مقرر ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.










