ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) پي ٽي آئي جو حقوق سنڌ مارچ شهر ۾ پهتو ته پي ٽي آئي جي مقامي اڳواڻن ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا . هڪ ئي روڊ تي 2 اسٽيج الڳ الڳ ٺاهيا ويا هڪ الطاف نظاماڻي ته ٻيو واري سيد ذوالفقار علي شاهه پاران تيار ڪيو ويو هو. ڪمون شهيد کان نڪتل پي ٽي آئي جو حقوق سنڌ مارچ بدين کان ٿيندو ٽنڊو محمد خان حيدرآباد بدين روڊ ايوبيه بس اسٽاپ تي پهتو. وفاقي وزيرن مخدوم شاهه محمود قريشي ، علي زيدي ، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قافلو پهتو ته قافلي مٿان پي ٽي آئي اڳواڻن گلن جي ورکا ڪندي سندن شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي جلسي گاهه کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پشاور مسجد ۾ خود ڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙا واقعا ڪرائي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن . سنڌ ۾ هاڻي تبديلي جي هوا شروع ٿي وئي آهي . سنڌ سان 14 سالن کان وٺي ڦرلٽ ڪندڙ زرداري ٽولي جو هاڻي خاتمو اڻٽر بڻجي چڪو آهي . هن چيو ته 2023 جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آئي سنڌ م اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي حڪومت ٺاهيندي . هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو جي ذهن تي اسان سوار ٿي چڪا آهيون . عمران خان جي قيادت هيٺ سنڌ ۾ پ پ جي هاڻي تڏا ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي . وفاقي وزير ۽ پي ٽي آئي سنڌ جي صدر علي زيدي جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي تصوير جو هڪ رخ ڏيکاريو پئي ويو اسان سنڌ جي ماڻهن کي تصوير جو ٻيو پاسو حقوق سنڌ مارچ جي صورت ۾ ڏيکاريو آهي.
هن چيو ته اسين سنڌ کان بچائڻ جي لاءِ نڪتا آهيون . سنڌ جي عوام کي زرداري مافيا مان نجات ڏيارينداسين . وزير اعظم عمران خان خلاف مخالفن جي بي اعتمادي واري رٿ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿيندو . هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي . اسان سمجهو هو ته بلاول ڀٽو زرداري ٻاهران پڙهي آيو آهي . پر هو پنهنجي پيءَ آصف علي زرداري جي ڪرپشن کي لڪائڻ ۾ لڳي ويو آهي . جلسي عام کي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ وزير اعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ، خاوند بخش جهيجو ، الطاف نظاماڻي ، سيد ذوالفقار علي شاهه ، لالا حسن پٺاڻ ، افروز شورو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان پهريان وفاقي وزير شاه محمودقريشي شيخ ڀرڪيو ڀرسان پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ هولڊر حاجي الطاف نظاماڻي جي رهائيش گاھ تي پهچي سندس ڀاڄائي جي وفات تي تعزيت ڪئي ان کان علاوه پي ٽي آئي حقوق سنڌ مارچ جي قافلي جو ڊگھ موري ۽ مڪان شريف اسٽاب وٽ شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي.










