ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورد جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري چيو آهي ته سنڌ ۾ نائين کان 12 هين درجي تائين جي شاگردن ۾ مفت اِي ٽيبليٽ فرهم ڪنداسين، جيئن درسي عمل متاثر نه ٿئي ڪتابن جي ورهاست بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن اسڪيم جي منظوري سنڌ جو وڏو وزير ڏيندو جنهن بعد ان تي مرحليوار عمل ٿيندو. اڳ م انٽر وارن شاگردن ۽ بعد ۾ هيٺين درجن جي شاگردن ۾ ٽيبليٽ ورهائبا. هن چيو ته 30 جولاءِ کان پهرين مرحلي ۾ ڪراچي سميت 17 ضلعن ۾ مفت ڪتاب ورهائڻ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ باقي 13 ضلعن ۾ ڪتاب ورهائڻ جو ٻيو مرحلو 15 آگسٽ کان شروع ٿيندو. هن چيو ته ڪجهه فني ۽ قانوني رڪاوٽن سبب 2 ڪروڙ 75 لک مفت ڪتاب ورهائڻ ۾ دير ٿي آهي. پبلشرز کي چتاءُ ڏنو آهي ته ڊيڊ لائين مطابق ڪتاب فراهم نه ڪندڙن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو.










