سنڌ  ۾ سڀاڻي کان برساتن جو امڪان، الرٽ جاري

سنڌ ۾ سڀاڻي کان برساتن جو امڪان، الرٽ جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ (سڀاڻي) 25 جولاءِ تائين برساتن جي امڪان سبب پي ڊي ايم اي (PDMA) سنڌ 23 ضلعن لاءِ موسمياتي ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مون سون جي پيشِ نظر انتظاميا کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏيندي سمورن لاڳاپيل کاتن کي احتياطي ۽ هنگامي قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. مراد علي شاهه برساتن دوران نيڪال وارو نظام فعال رکڻ ۽ انساني جانين جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته شهري مرڪزن ۽ حساس هنڌن جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي، ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا امدادي سامان توڙي اوزارن جي دستيابي کي يقيني بڻائين.

پهنجو تبصرو موڪليو