سنڌ ۾ خوني تڪرار روز جو معمول بڻيل

تحرير شيرمحمد سولنگي

سنڌ ڪوس گھر بڻجي وئي آهي هر روز جگر جا ٽڪرا پنهنجي هٿن تي کڻي رهيا آهيون آخر سنڌ ۾ جھيڙا فساد تڪرار ڇو آهن اسان سنڌ واسي ڪتابن بدران هٿيارن جي ڊوڙ شامل ٿي رهيا آهيون جنهن ڪري سنڌ ۾ جھيڙا ۽ قبائلي تڪرار روز معمول بڻجي ويا آهن سنڌ جي هر ڪنڊ مان هر روز قتل جو رجهان وڌي رهيو آهي  اهو تعليم نه هجڻ جي نشاني آهي سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙا پلاند جي آر يا ڪارنهن جي الزام ڪر کنيون بيٺا آهن سنڌ انسانيت جو قدر نه رهيو آهي انسان جو  انسان قاتل بڻجي ويو آهي خاص ڪري عيد جي ڏڻ  کي اٽڪيل ڌريون  خوشي کي ماتم ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وڏو فخر ڪنديون آهن هن عيد تي به ائين ٿيو آهي جھيڙيندڙ ڌرين هٿيارن جا منهن کولي قتل غارت کي ترجيح ڏني آهي جيڪا هڪ جهالت واري سوچ جي عڪاسي آهي  . مون  جڏهن سوشل ميڊيا تي اها خبر پڙهي ته ڪنڌڪوٽ ۾10 قتل انسان قتل ٿي ويا آهن  زمين پيرن هيٺان سرڪڻ لڳي ۽ ڏوھ ڏڪڻ لڳا ته اسان جي سنڌي قوم ڪڏانهن  پئي وڃي .غوثپور ڀرسان دراني مھر ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ زمان چاچڙ تي سبزوئي ۽ جاگيراڻي برادري جي ماڻھن گڏجي ڪري چاچڙ برادري جي ماڻھن تي ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ ڪارڙا چاچڙ برادري سان واسطو رکندڙ 10 ماڻھن جي قتل ٿيڻ جا اطلاع آھن قتل ٿي ويلن ۾ شاھمراد چاچڙ، منظور چاچڙ، عبدالخالق، علي بخش، راحب، انور، شعبان، حضور بخش ۽ حامد چاچڙ شامل آھن واقعي جي اطلاع بعد چاچڙ برادري جا ڪيترائي ھٿياربند پنھنجي ماڻھن جي مدد لاءِ روانا ٿي ويا پر ھٿياربند ھيٺ ڪچي طرف لھي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وياجڏهن ته پوليس به واقعي جي ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ واقعي واري ھنڌ رواني ٿي، ان کان اڳ علائقو جنگ جو ميدان بڻيل ھو ۽ تمام گهڻي فائرنگ ڪئي وئي اطلاع آهن ته جھيڙي دوران ٽي ماڻھو زخمي به ٿيا آھن آخري اطلاعن تائين ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ چاچڙ، جاگيراڻي ۽ سبزوئي برادري جي ٽن ڌرين ۾ ٿيل الڳ الڳ جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو انگ 10 ٿي ويو آهي واضح رھي ته ڪجھ عرصو اڳ دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس علائقي جي بدنام ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي جي زال ۽ پٽن سميت پنج ماڻھو ماريا ھئا، جن جو الزام جيئند چاچڙ برادري تي به لڳايو ته اوھان پوليس جا ساٿاري بڻجي منھنجا ماڻھو مارايا آھن بدلو ڪندس. علائقي ۾ چئوٻول آھي ته اڄوڪو واقعو ان سلسلي جي ڪڙي آھي سيراڻي ڀرسان ڳوٺ بخشو ديرو ۾ عيد جي ٻي ڏينهن جوابدار الهبچايو ڪنڀار پسٽل جو فائر ڪري پنهنجي نوجوان ڌيءُ 18 ورهين انعم ڪنڀار قتل ڪرڻ بعد سيراڻي ٿاڻي تي پهچي گرفتاري ڏئي ڇڏيجڏهن ته سيراڻي پوليس سرزمين تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيوجڏهن ته مقتول نياڻي جي چاچي عثمان ڪنڀار جي فرياد تي قاتل پيءُ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قتل جي وجهه گهرو اڻبڻت ڄاڻائي وئي آهيسڪرنڊ ڀرسان ٻٽي موري لڳ خاصخيلي ۽ سولنگي برادري ۾ معمولي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيوجنھن ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ سولنگي برادري جا رستم، ظهير، اڪرم، نواب ۽ احمد نواز ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي هوڏانهن .راڻيپور ويجهو سوڀوديرو ٿاڻي جي حد ۾ ٻن برادرين شيخ ۽ مڱڻيجا برادري ۾ پاڻ دشمني تحت جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري 26 سالن جي عورت شبانه مڱڻيجو گولي لڳڻ ڪري اجل جو شڪار ٿي پئي جڏهن ته ٻه ڄڻا اميد علي مڱڻيجو ۽ شبير مڱڻيجو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ پوليس پهچي وئي، جڏهن ته هن وقت تائين واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿيو آهيجيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي خاراني ۽ پلال برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڇريون لڳڻ سبب نبي بخش، ھادي بخش ۽ ڌڻي بخش زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال آندو ويو، جتي طبي امداد ڏني وئيزخمين جو چوڻ آهي ته جوابدار محمد مراد، احمد علي ۽ غلام ياسين پلال حملو ڪري زخمي ڪيو آهي، پلال برادري سان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ آهيسول لائن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پلال ۽ خاراني برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڇڪتاڻ ھڪ مھيني کان ھلندڙ آهي، جنهن سبب ڌريون سامهون ٿيا آهنٽنڊوڄام ويجهو راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ انبن جي باغ ۾ 40 سالا شخص جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي، جنهن جو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي لاش کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ۽ لاش کي سول اسپتال حيدرآباد ۾ رکرايو ويو آهي، جڏھن ته ابتدائي طور تي خودڪشي جو واقعو لڳي رھيو آھي پر موت جو اصل ڪارڻ پوسٽ مارٽم بعد ئي معلوم ٿي سگھندو. ٻئي پاسي پوليس پاران لاش جي سڃاڻپ لاءِ آسپاس جي علائقن ۾ اعلان پڻ ڪرايا ويا آھن.ميھڙ ڀرسان ڳوٺ سوجھرو ميرواڻي ٻاھران زرعي زمين مان نوجوان جو لاش ھٿ آيو آھي، جنھن جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگهي نوجوان جو لاش نيم اگهاڙي حالت۾پيل مليو ڳوٺاڻن جي اطلاع تي فريدآباد پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي، ھٿ آيل لاش ميھڙ تعلقه اسپتال آندو ويو . ٽنڊوڄام ۾ پٺاڻ ۽ کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو، ڏنڊا، سرون ۽ سريا لڳڻ سبب چار ڄڻا زخمي، شھر ۾ ڇڪتاڻ، رينجرس ۽ پوليس جو گشتخبر موجب ٽنڊوڄام جي بازار ۾ پٺاڻ ۽ کوکر برادري جي ٻن دوڪاندارن ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي وڌي ويو. جھيڙي ۾ ڏنڊا، سريا ۽ سرن جو استعمال ڪيو ويو. جھيڙي ۾ پٺاڻ برادري جا چار ڄڻا محمد عادل، حضرت علي، قدرت الله ۽ شير علي زخمي ٿي پيا. جن کي رورل ھيلٿ سينٽر مان طبي امداد بعد حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. جھيڙي بعد شھر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ رينجرس ۽ پوليس پاران شھر جو گشت پڻ ڪيو پئي ويوٽنڊوڄام ٿاڻي جي ايس ايڇ او قربان عاقلاڻي جو چوڻ آھي ته ٻن دوڪاندارن جي وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿيو جنھن ۾ چار ڄڻا زخمي ٿيا آھن. ٻنھي ڌرين پاران ھڪ ٻئي خلاف رپورٽ داخل ڪرائي وئي آھي. اڃا تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي. منگي برادريءَ پاران معصوم نينگر جي قتل جو الزام لڳائڻ واري عمل خلاف شيخ اتحاد نئون ديرو جي سڏ تي نئون ديرو جي شيخ برادري شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب نئون ديرو پهچي احتجاج ڪيو آهيجنهن جي اڳواڻي شيخ اتحاد صدر منظور علي شيخ، جنرل سيڪريٽري لعل ڏنو شيخ، عاشق علي شيخ، غلام عباس شيخ، حاڪم علي شيخ، راشد علي شيخ، علي گوهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. جتي ميڊيا آڏو دانهون ڪندي هنن جو چوڻ هو ته منگي برادري جا ماڻهو قتل جو ڪوڙو الزام اسان جي مٿان لڳائي قانون کي اورانگهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هنن جو نينگر 8 مهينا اڳ گهر ٻاهران راند ڪندي پاڙي جي کڏ ۾ ٻڏي ويو هو جنهن جي اسان کي ڪا ڄاڻ ناهي ۽ هو ان جي قتل جو ڪوڙو الزام اسان مٿان ان ڪري لڳائي رهيا آهن جو ڪجهه ڏينهن اڳ انهن جي ڇوڪري گهران نڪري اسان جي برادريءَ جي رجب شيخ سان حيدرآباد ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنهن ڪري هاڻ هو پوليس مٿان دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته 8 مهينا اڳ ٻڏي فوت ٿيل نينگر جي قتل جو ڪوڙو ڪيس اسان جي مٿان داخل ڪري. جيڪڏهن هنن جو ڇوڪرو قتل ٿيو هو ته 8 مهينن تائين هو ڪٿي غائب هئا جو نينگر جي قتل جو ڪيس داخل نه ڪرايو ۽ هاڻي انهن کي ڪيس ياد آيو آهي. اهو منگي ڌر جو ڪوڙو ڊرامو آهي. اسان غريب مزدور آهيون روزانو مزدوري ڪري پنهنجو ۽ ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪري رهيا آهيون. رجب شيخ اسان جو مائٽ آهي جنهن منگي ڌر جي ڇوڪري سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي ۽ منگي ڌر پنهنجي ڇوڪريءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ اسان تي قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جو ڊرامو رچائي رهي آهيهنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته مامري جي اڻ ڌري جاچ ڪري اسان غريب مسڪينن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ قانون اورانگهيندڙ منگي برادريءَ مٿان قانون کي گمراهه ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي هر پاسي جھيڙڻ جي باھ ٻري پ؟ي آهي ان باھ کي وسائڻ ۾ سول سوسائٽي ۽ سڃاڻ ڌريون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون ۽ سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري آءِ جي سنڌ سخت قدم کڻي سنڌ ۾ خوني تڪرارن کي روڪي سگھي ٿو .

پهنجو تبصرو موڪليو