سنڌ ۾ برسات سبب 80 ماڻهو فوت، نقصان جو ازالو ڪبو،شاهه

سنڌ ۾ برسات سبب 80 ماڻهو فوت، نقصان جو ازالو ڪبو،شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ برسات جي تباهي سبب عوام جي نقصان جي سروي لاءِ حڪم جاري ڪيو اٿم. وفاق پاران مدد جي آجيان ڪريون ٿا ۽ اميد آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان ايئن تعاون ڪندي جيئن صدر آصف علي زرادري ڪيو هو. ماڻهن جي نقصان جو ازالو ڪري سگهون ۽ ايئن نه ٿئي ته سڀاڻي وفاقي حڪومت اختيار گهري. هن ٻڌايو ته برسات سبب 80 ماڻهو فوت ٿيا آهن جن مان 47 ڪراچي جا آهن. هن چيو ته جيتري بارش ٻن ڏينهن ۾ ٿي ايتري ڪڏهن تاريخ ۾ ناهي ٿي سرجاڻي ٽائون ۾ 604 ملي ميٽر بارش ٿي آهي. هن چيو ته 1931 ۽ 1976 ۾ رڪارڊ بارش ٿي هئي پر هي ان کان به وڌيڪ آهي ۽ بارش ڪربلا برپا ڪئي آهي. هن چيو ته بدين ۾ 345، ڇور ۾ 311، بينظيرآباد ۾ 247 ملي ميٽر بارش رڪارڊ ٿي آهي. هن ٻڌايو ته گذريل رات بارش ۾ ڦاسي پياسين، گاڏي تبديل ڪئي، چيلهه جيترو پاڻي پار ڪري مختلف علائقن جا دورا ڪيم. هن چيو ته هر ڊويزن تي ڪمشنرز کي نقصان جي سروي لاءِ چيو اٿم. هن چيو ته بلاول ڀٽو هر ڪلاڪ بعد فون ڪري ڄاڻ وٺندو رهيو. ڪراچي لاءِ جيترو 12 سالن ۾ اسان ڪم ڪيو آهي ايترو ماضي ۾ ڪنهن به ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو