سنڌ ۾ امن امان جي بحالي ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن

سنڌ ۾ امن امان جي بحالي ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن

حيدرآباد (ن س) انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ جاويد عالم اوڍھو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته پوري صوبي ۾ امن و امان جي بحالي ۽ ڏوھن جي خاتمي لاء وڌيڪ قدم جاري آھن، خفيه ڪيميرائن جي مدد سان 80 پرسنٽ ڏوھن تي قابو آندو ويو آھي، آئي جي سنڌ چيو ته پرائيويٽ پارٽنرشپ جي مدد سان 40 ھزار خفيه ڪيمرا پوري صوبي ۾ لڳايا پيا وڃن، جنھن سان سيڪيورٽي مانيٽرنگ وڌيڪ بھتر ٿي ويندي ، ھن چيو ته پوليس جي ڪاروائين جي نتيجي ۾ 80 پرسنٽ ڏوھن تي قابو آندو ويو آھي، ڪچي جي علائقي ۾ ڪامياب پوليس آپريشن ڪيا ويا آھن.آئي جي سنڌ چيو ته سکر کان جيڪب آباد تائين مين شاھراھ کي ڪچي جي ڌاڙيلن جي اثر کان پاڪ ڪيو ويندو ، سماجي مسئلن ۽ منشيات جي حوالي سان آئي جي سنڌ گالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ اسان جي نوجوان نسل کي نشي جي عادت لڳي چڪي آھي،۽ راندين جا ميدان خالي نظر اچي رھيا آھن، ھن اعلان ڪيو ته منشيات جي خاتمي لاء (نجات مھراڻ آپريشن ) شروع ڪيو ويو آھي، آئي جي سنڌ وڌيڪ چيو ته بلوچستان پوليس سان به ڪالھ ميٽنگ ٿي آھي، اسان کي وڌيڪ ٿريڊ بلوچستان کان ھوندو آھي، فيوچر ۾ انشاالله اسڪرين لڳل هوندي ۽ ان جي مدد سان عوام جا مسئلا حل ڪيا ويندا.ڪراچي ۾ اي چالان کان پوء 44 سيڪڙو ايڪسيڊينٽ گھٽجي ويا آھن، ھن جديد دور جي چيلينجز تي روشني وجھندي چيو ته ڊجيٽل ۽ سائيبر ڏوھن جي خاتمي لاء قدم کنيا پيا وڃن، ۽ ھن مقصد لاء 2 خصوصي سائيبر ڪرائم يونٽ قائم ڪيا پيا وڃن، ھن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ بھتر رابطا بنائڻ لاء پوليسنگ کي بھتر بڻايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو