عبدالمجيد بروھي
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي آھي سنڌ ۾ برسات سبب سڀني کان وڌيڪ نقصان ٿيو آھي جتي جاني نقصان سميت مالي نقصان ۽ زرعي نقصان تمام گھڻو پھتو آھي ھڪ ڏينھن بعد آگسٽ مھينو شروع ٿيندو ان باوجود ھن وقت تائين آبادگار ۽ ھاري سارين جو ٻيڄارو پوکي نـ سگھيا آھن ھڪ تـ وفاقي حڪومت ارسا ۽ پنجاب جي ڏاڍ سبب سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي نـ مليو ۽ جيڪو پاڻي مليو اھو پاڻي ھڪ کان ڏيڍ مھينو پوء مھيا ڪيو پاڻي اچڻ بعد جڏنھن ھارين ۽ آبادگارن پاران پنھنجن زمينن کي آبادڪرڻ لاء مارڪيٽ مان مھانگي اگھن تي سارين جو ھاء برڊ چائنا جو ٻڄ وٺي ويا ۽ انھن مان ڪجھ ھارين ٻڄ پوکيو مس ھيو تـ مٿان برسات اچي وئي ھڪ مھيني تائين وقفي وقفي سان پوندڙ تيز برسات سبب جن ھارين آبادگارن ٻڄ پوکيو ھيو انھن جو ٻيڄارو برسات جي پاڻي ۾ ڪيترائي ڏينھن ٻڏل ھجڻ ڪري سڙي ويا ۽ ڦٽي نـ سگھيا آھن ان کان علاوا ڪيترن ھارين ويچارن ٻڄ پوکيو بـ نـ آھي ھن مھيني ۾ وري تيز برسات جي اڳ ڪٿي ڪئي پئي وڃي ان مان صاف لڳي رھيو آھي تـ ھن سان ٻارنھن ورسنٽ سنڌ جون زرعي زمينون پوکجي نـ سگھبيو ۽ انھن ۾ سارين جو رونبو تقريبن نا ممڪـن آھن صاف ڳالھ تـ ھن وقت جيڪڏنھن ھاري آبادگار سارين جو ٻڄ پوکيندا تـ پوء بـ ان ٻيڄاري کي وڏو ٿيڻ لاء ويھ کان ٽيھ ڏينھن لڳي ويندا ۽ آگسٽ مھيني ۾ ئي ساريون رونبو ڪرڻ جي مند آھي سارين جو روبنو نـ چاھيندي بـ آگسٽ جي آخري ھفتي تائين ڪري سگھجي ٿو ۽ ھن وقت
ٽائيم صفا ڀرجي آيو آھي ھارين آبادگارن جون زمينون ھن وقت برسات جي پاڻي سب۔ ٻڏي ويون آھن انھن جا ھر خراب ٿي چڪا آھن جيڪڏنھن ڪي ھاري آبادگار ضد ڪري بـ سارين جو روبنو ڪندا تـ پوء کين پنھنجن زمينن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ھڪ کان ٻـ ھر ڏيارڻا پوندا ڇو تـ وقت کان اڳ زمينن ۾ پاڻي بيھڻ جي ڪري زمينون ھڪ ڀيرو ٻيھر سخت ٿي ويون آھـن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ھر کانسواء روبنو ڪرڻ ناممڪن آھن
ھن وقت ھاري آبادگار سخت پريشان آھن ھارين آبادگارن سان گڏ ڪاروباري ماڻھون پڻ پريشانين ۾ مبتلا آھن زمينون آباد نـ ٿيڻ سبب ڪاروبار بـ بند ٿيل آھن برسات سبب ھن وقت پوري سنڌ ۾ تباھي آھي انجي ڪري سنڌ سرڪار کي فوري طور تي پوري سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي ھارين ۽ آبادگارن کي رليف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري ھارين جي مالي سھائتا سميت راشن ڪارڊ ۽صحت ڪارڊ مھيا ڪري سنڌ جي ھارين کي معاشي طور تي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي
پوري پاڪستان ۾ پوندڙ برساتن پاڪستان ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي برساتن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر پاڪستان جو ايراضي جي حساب سان سڀ کان وڏو صوبو بلوچستان وڌيڪ متاثر ٿيو آھي جتي برسات تباھي مچائي ڇڏي آھي مسلسل پوندڙ برساتن سبب پوري بلوچستان ۾ بيون وھي اچڻ ۽ جبل جو پاڻي آبادين مٿان اچڻ جي ڪري ڪوھلو بارکان سبي جھل مگسي لسبيلا اوٿل خضدار قلات قلعا سيف اللـ ڪرخ زھري مستونگ گدر گندا واھ نصيرآباد سميت بلوچستان جا تمام علائقا ھن وقت برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آھن بلوچستان کي سنڌ سميت پوري پاڪستان سان ملائيندڙ روڊ رستا ۽ پلون نيون وھي اچڻ ڪري لڙھي ويون آھن روڊن کي برسات جو پاڻي ختم ڪري ڇڏيو رستا بڏي ويا آھن جنھن سبب پورو بلوچستان پاڪستان جي ٻين شھرن کان ڪٽيل آھي برسات سبب ھن وقت ٻـ سئو کان وڌيڪ ماڻھون فوت ٿي چڪا آھن ان کان علاوا ڪيترائي ماڻھون برسات جي پاڻي ۾ لڙھي ويا آھن جو ڪوبـ ڏس پتو نـ آھي بلوچستان جا ماڻھون ھن وقت سخت ترين مشڪلاتن جو شڪار آھن ٻين صوبن سان رابطو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري خوراڪ جي قلت جو پڻ خدشو آھي بلوچستان ۾ زخيرو ٿيل خوراڪ جن ۾ ڪڻڪ ٻيو اناج پڻ برسات جي پاڻي ۾ لڙھي ويو آھي ان جي ڪري پاڪستان سان رابطا پل ڪٽجي لڙھي وڃڻ ڪري سخت خوراڪ جي قلت جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي ان کان علاوا اھي ماڻھون سخت ترين مشڪلاتن جو شڪار آھن جيڪي بلوچستان جي شھرن کان پري جبلن مٿان رھيل ھئا انھن جو کاڌ خوراڪ پڻ ختم ٿي ويو آھي رستا ٻڏي وڃڻ ۽ جبل ڊھي پوڻ سبب انھن جو شھرن ڏانھن اچڻ ناممڪن بڻيل آھي سندن اناج خراب ٿيل آھي اھي لکين ماڻھون ھن وقت بک بدحالي جو شڪار آھن سندن مال ٻڪريون ۽ رڍون پڻ برسات جي پاڻي ۾ لڙھي ويون آھن سندس اٽو ۽ ٻيو سامان پڻ پاڻي سبب خراب ٿي چڪو آھي پھاڙي علائقا ھجڻ جي ڪري مقامي انتظاميا جي وس جي ڳالھ نـ آھي تـ اھي ايترن ماڻھن وٽ کاڌ خوراڪ پھچائي سگھن انھن علائقن ۾ ڦاٿل بلوچستان واسين جا ٻار بچا بک سبب گھڻو دير زندا نـ رھي سگھندا بلوچستان ۾ ھيڏي وڏي تباھي ٿيڻ باوجود اسان جي حڪمرانن ھن صوبي جي عوام کي بلڪل بي يارومددگار اڪيلو ڪري کين سندن حال تي ڇڏي چڪا آھن بلوچستان حڪومت پڻ ڪٿي بـ نظر نٿي اچي بلوچستان حڪومت جو وڏو وزير ۽ ٻيا وزير پڻ خاموشي اختيار ڪري محل ۾ ويٺل آھن ھن سڄي صورتحال تي اسان جي اردو ميڊيا جو ڪردار پڻ بلوچستان دشمني وارو آھي بلوچستان ۾ برسات سبب پورو بلوچستان لڙھي ويو آھي اھو صوبو جنھن صوبي ۾ اسان جا ايٽمي اثاثا محفوظ آھن اھو صوبو جيڪو اسان جي پوري ملڪ کي گئس ڪوئلو سون تيل مھيا ڪري ٿو ان صوبي جي عوام کي بلڪل نظرانداز ڪرڻ کين مرڻ لاء اڪيلو ڇڏيندڙ حڪمران تـ ڏوھاري آھن پر اسان جي اردو ميڊيا بـ بلوجستان دشمني ۾ سڀ کان اڳ ڀرو آھي ھڪ طرف بلوچستان جا ماڻھوڻ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي مڙھي مري رھيا آھن سندن فصل سندن مال برسات ۾ لڙھي ويو آھي پر اردو ميڊيا تي بلوچستان جي تباھي بابت ڪجھ بـ نٿو ڏيکاريو وڃي ھڪ طرف بلوچستان ٻڏي رھيو آھي تـ ٻئي طرف اردو ميڊيا تي صرف پنجاب جي وڏ وزارت تي چوويھ ڪلاڪ پروگرام ڪيا پيا وڃن ھن وقت بلوچستان جي عوام کي پوري پاڪستان جي عوام مدد جي ضرورت آھي بلوچستان جو عوام ھن وقت بي گھر آھي سندن ٻار ٻچا ھن وقت کليل آسمان ھيٺ آھن سندن گذر سفر لاء رکيل اناج ۽ ٻيو سامان پڻ لڙھي ويو آھي انھن ماڻھن جي لاء فوري امداد جي سخت ضرورت آھي اچو سڀ گڏجي پنھنجي بلوچ ڀائرن جو ساٿ ڏيون اڄ ان ساڳي جوش ۽ حب الوطني جي سخت ضرورت آھي جيئن ڪشمير ۽ ڪي پي ڪي ۾ زلزلي متاثرن جي مدد لاء اسان سڀني ھر ننڍي وڏي شھر ۾ امدادي ڪئمپون قائم ڪيون حڪومت پاڪستان کي پڻ ھن وقت فوري طور تي پوري بلوچستان کي آفت زدا قرار ڏيڻ گھرجي جن علائقن جا رستا ٻڏي ۽ لڙھي ويا آھن جيڪي ماڻھون جبل جي وچ ۾ ڦاٿل آھن انھن جي سار سنڀال لھڻ لاء مقامي انتظاميا جي مدد سان انھن وٽ ھيلي ڪاپٽر وسيلي فورن پھچي کين اتان ڪڍي محفوظ ھنڌ ڏانھن منتقل ڪري کين خيما بستي قائم ڪري اتي رھايو وڃي جيسيتائين انھن جي علائقن جا رستا بحال ٿين ۽ اھي پنھنجا گھر ٻيھر تعمير ڪن ۽ انھن کي بحالي لاء امداد پڻ ڏني وڃي بلوچستان جي عوام کي بـ ٻين وانگر سندن حق ڏنا وڃن










