غلام حسين لغاري
هاڻ سنڌ ڪارڊ شايد ئي هلي ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ تاش جا 52 پتا هوندا هئا جيڪي هاڻ ڇڙوڇر ٿي پتو پتي کان ڌار آهي۔جيڪي چون ٿا ته ڀلاول ڀٽو شهباز شريف يعني ن ليگ کان وٿيرو ٿي چڪو آهي ممڪن ناهي جو پ پ پ جون اڳ ۾ پاڙون الڳ هيون هاڻ اهي ن ليگ سان جڙيل آهن ۽ جڏهن پاڙ پاڙ سان ڳنڍيل هوندي آهي ته جهٽڪا به تهڙا ئي محسوس ٿيندا آهن پر ڪڏهن اهي پاڙون ڪچيون هونديون آهن جيڪي ٽٽي به پونديون آهن پر پوء به هڪٻئي سان اٽڪيل ضرور هونديون آهن جن کي الڳ الڳ چئجي نٿو سگهجي۔
پ پ پ جو چيئرمن جناب بلاول ڀٽو صاحب هن وقت سنڌ ڪارڊ ن ليگ خلاف نه پر پنهنجي پارٽي ۽ پنهنجي جياپي لاء سنڌ ۾ ئي استعمال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش پيو ڪري جو اڪثر سنڌ جي قومي مسئلن تي پ پ پ سنڌ ۾ پنهنجي ساک وڃائي ويٺي آهي جنهن جي قيات خلاف آئي ڏينهن سنڌ جي جهرجهنگ ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن ۽ ريليون نڪري رهيون آهن جن جو پيغام نه صرف ملڪ اندر پر عالمي سطح تائين پهچي چڪو آهي۔سنڌ ۾ پاڻي جو معاملو ۽ زمينن تي ٿيندڙ والار ته الڳ ڳالهه آهي پر هن وقت سنڌ ۾ مذهب جي نالي تي به سنڌي شخصيتن جو قتل عام ٿي رهيو آهي پ پ پ ۾ ويٺل وڏيرا پير مير سردار هن وقت انهي حد تائين بدمست ٿي چڪا آهن جو اهي پاڻ يا پنهنجي واٺن وسيلي سنڌ جي نوجوانن نياڻين صحافين وڪيلن ڊاڪٽرن پروفيسرن جهڙن ڪردارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن جن سان خاندانن جا خاندان متاثر ٿيا آهن ۽ ٿيڻ جو انديشو آهي جڏهن اهڙن واقعن خلاف آواز اٿي ٿو ته انهن کي دٻائڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي جيئن رواداري مارچ ڪراچي ۾ ٿي چڪو آهي جتي پيرين اگهاڙين نياڻين ۽ محنت ڪشن کي به بخشيو نه ويو۔سنڌ جو سرڪاري ملازم ۽ پينشنر به اهڙين پرتشدد ڪارواين جو شڪار ٿي چڪو آهي جن پنهنجي حقن جي حاصلات لاء ڪراچي ۾ مظاهرا ڪيا۔اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته سنڌ ۾ مخالفن ۽ حڪومت خلاف آواز اٿاريندڙن خلاف انتقامي ڪاروايون ٿي رهيون آهن۔هن وقت ۽ ماضي ۾ پ پ پ جي باغي اڳواڻن جنهن قسم جا بيان ڏنا آهن سي ئي ڪافي آهن ۽ مستقبل ۾ ان قسم جو انتقامي ڪاروايون نه ٿيڻ گهرجن نه وري بيان ٻڌڻ وٽان ملن۔سنڌ ۾ زمينن جي ولار قومي سطح وارو معاملو الڳ ڳالهه آهي پر سنڌ جا طاقتور سردار وڏيرا پنهنجي واٺن وسيلن سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن جي زرعي زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪرائي رهيا آهن جن کي به حڪومت خاص ڪري روينيو کاتو ۽ پوليس تحفظ فراهم ڪري ٿي جنهنڪري سنڌ ۾ هڪ قسم جو زرعي بحران پئدا ٿي چڪو آهي جيڪو موسمي تبديلين کان به وڌيڪ هاڃيڪار آهي۔سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙين ۾ هاڻ زرعي زمينن تي ڪالونيون ۽ شهر پيا اڏجن جنهنڪري ڀه زراعت کي منفي نقصان پهتو آهي۔
پ پ پ جي چيئرمن جناب بلاول ڀٽو جيڪو هن وقت ڪراچي ۾ ترسيل آهي اهو سندس گهر آهي ۽ سنڌ به سندس ٻيو گهر آهي۔ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هو هن وقت ن ليگ قيادت تي ڪجهه ڪاوڙيل آهي ۽ سندس اهو بيان به سندس ڪاوڙ جو هڪ حصو آهي ته جنهن ۾ هن چيو آهي ته حڪومت پ پ پ ۽ سنڌ سان متعصبانه رويا رکي ٿي ۽ هڪ طرفه فيصلا ڪري رهي آهي ۽ هو آئيني ترميمن واري معاملي ۾ مصروف هو ته پويان درياهه سنڌ تي ڇهن ڪئنالن جي ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي جنهن جي هو سخت مخالفت ڪري ٿو پر بلاول کي اها خبر شايد ناهي ته اهڙي منظوري ڪنهن ۽ ڪهڙي بنياد تي ڏئي سنڌ لاء مسئلا پئدا ڪيا۔اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته وفاق اهڙن متنازعه ڪئنالن جي منظوري سنڌ ڄائي ۽ پ پ پ سان واڳيل صدر جناب آصف علي زرداري کان ئي ورتي آهي جنهن سان سنڌ ۾ هڪ ممڻ متو آهي ۽ سندس فرزند اهڙن ڪئنالن جي مخالفت پيو ڪري۔
ڏسجي ته ن ليگ ڪڏهن به اعتماد واري سياسي پارٽي ناهي رهي هن سدائين سنڌ تي مسلسل وار ڪيا آهن ۽ سنڌ سان ناانصافيون ڪيون آهن ۽ اهڙين ناانصافين ۾ پ پ پ کان هٽي ڪري به ن ليگ سان واڳيل انوقت جي ۽ هن وقت جي سنڌ جي قيادت به گڏ رهي آهي جنهنڪري به ن ليگ سنڌ ۾ اڪيلي ۽ نه هجڻ برابر رهجي وئي آهي۔نه صرف انهي حد تائين پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ يا سياسي دور ۾ ن ليگ جا پ پ پ ۽ سنڌ سان رويا ڇڪتاڻ وارا رهيا آهن انجي قيادت خلاف انتقامي ڪاروايون ٿيون قيادت جيل ۾ رهي مٿن نيب ڪيس داخل ٿيا جيڪي هن وقت رخ بدلائي پي ٽي آء طرف رخ ڪيو اٿن اهڙي پارٽي سان پ پ پ جو اتحاد ٺهي ئي نه پيو ۽ هاڻ پ پ پ جو چيئرمن جناب بلاول ڀٽو دانهن پيو ڪري ته ن ليگ کين فيصلن ۾ اعتماد ۾ نٿي وٺي۔آخر ڇو وٺي ان کي الڳ سگهه حاصل آهي۔پ پ پ هن وقت پنجاب مان پنهنجو اثر وڃائي ويٺي آهي جيڪو پي ٽي آء ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي۔پ پ پ کي هاڻ سنڌ ڪارڊ نه پر سنڌ پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ پنهنجي سگهه پئدا ڪرڻي ۽ اها استعمال ڪرڻي پوندي۔
دير آيد درست آيد جيڪڏهن پ پ پ کي ۽ انجي چيئرمن کي سنڌ جي حساس مسئلن تي انجو ضمير جاڳيو آهي ته اهو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاء هڪ نيڪ شگون ثابت ٿي سگهي ٿو جنهن جي ضرورت به آهي پر هن ڏس ۾ هو پاڻ سان گڏ سنڌ جي قومي قيادت کي به کڻي جو سنڌ جا مسئلا ڪنهن هڪ ڌر جي وس ناهن جو اهي اڪيلا ٿي ڪري حل ڪرائي سگهن۔پ پ پ پنجاب ۽ ن ليگ جي روين تي گهٽ اعتبار ڪري جيڪس سنڌ کي اونداهي دور ۾ ڌڪلڻ چاهي ٿي جيئن ماضي ۾ ڌڪيو اٿس۔سنڌ جي ماڻهن جي واهر ٿيڻ گهرجي ۽ انتقامي ڪاروارون ۽ سرداري سگهه جو استعمال فوري طور بند ڪري۔امڪاني ڍهن ڪئنالن جي رٿابندي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ سردارڪي نظام سبب شهيد ٿي ويل صحافين ۽ ٻين کي انصاف ڏياريو وڃي نه وري سنڌ جي زرعي زمينن تي ولار برداشت ڪرڻ گهرجي۔ عام ماڻهن جي زرعي زمينن ۽ ملڪيتن تي ٿيندڙ قبضا ختم ڪرايا وڃن خاص ڪري پوليس ۽ روينيو جي ادارن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ ڪرپشن ختم ٿيڻ گهرجي جيڪو ئي درحقيقت سنڌ ڪارڊ آهي جيڪو ئي استعمال ڪرڻ ۾ پ پ پ لاء آسان ٿيندو










