لاڙڪاڻو(ن سنڌيار) قومي عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ظفر لاڙ جي ورسي جو جلسہ عام ٿيو، جنھن جي صدارت قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ڪئي، جڏھن ته سينيئر نائب صدر منور جتوئي، مظھر راھوجو، ارصلا بھلڪاڻي، سجاد بروھي، جميل لاڙ، اسلم سومرو، اڪبر خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، عذرا رند، روپا سومرو، سومر چانڊيو، جبار سنڌي، اعجاز ڪنراڻي، نذير بليدي، ڊاڪٽر مجدد قريشي، ظفر چنا، نثار ڀرڳڙي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا۔ جلسي کي خطاب قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ظفر چنا ڪالاباغ ڊيم، پاڻي تي ڌاڙن، ڪرپشن، مھاجر صوبي ۽ سنڌ دشمن سازشن خلاف جدوجھدن ۾ اڳيان اڳيان رھي۔ ظفر لاڙ پارٽي، قوم ۽ وطن سان آخري وقت تائين سچو رھيو، سنڌ کي ظفر لاڙ جھڙن بھادر، انقلابي سچن ڪارڪنن جي ضرورت آھي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ گذريل 15 سالن کان ملڪ کي غير يقيني واري صورتحال ۾ رکي نقصان پھچايو پيو وڃي۔ وفاقي حڪمران سنڌ کي ڏکئي وقت ۾ ئي ياد ڪندا آهن۔ لاڙڪاڻي ۾ ماڻهو بيروزگار آهن، تعليم، صحت، پاڻي ۽ ڊرينيج جو بحران آهي۔ سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري مناسب ناهي، کين آزاد ڪيو وڃي۔ سنڌ مان چونڊيل سمورين پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي، اھي پاڻ پنھنجو احتساب ڪن۔ وزيراعظم کي سوچڻ گهرجي تہ چئن سالن ۾ سنڌ ۽ ملڪ ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ پنھنجي پسند جي ۽ بظاھر مقبول اشوز سان گڏ سنڌ جي تباھ ڪيل ڪمند، سارين، ڦٽين ۽ ڪڻڪ جي آبادگارن، بکن ۾ پاھ ٿيندڙ ھارين ۽ مزدورن، نوڪريون وڪاجڻ سبب دربدر ٿيندڙ لکين بيروزگار نوجوانن، اغوا ٿيل ٻارن ۽ اقليتي نياڻين، شيرين جوکيو، ڊاڪٽر نمرتا ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي، پروين رند، فضيلا، عمران، موھن، ساحل ڪوريجو، رنڪل، لتا، آشا، رويتا، راج ڪماري، مونيڪا جي وارثن، عابدا، نائلا، تانيا، سجاد جوکيو، احد عباسي، رمشا جي مائرن، امِ رباب ۽ فرزانہ جي حقن، ويران ۽ تباھ ٿيل سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن ۽ روڊن، گٽرن جو زھريلو گندو پاڻي پيئڻ ۽ غير معياري علاج جي ڪري ھيپاٽائيٽس، ٽائيفائيڊ، مليريا، پوليو، ايڊز، ڊائريا ۽ ڪالرا ۾ ھر روز تڙپي تڙپي مرندڙ، غربت، بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ماريل ڪروڙين مسڪين سنڌين لاءِ ھڪ ڀيرو نہ پر مسلسل، ثابت قدمي، دليري ۽ دانائي سان آواز اٿاريون۔ مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو تہ حڪمرانن جا پنھنجا ٻار تہ آڪسفورڊ ۽ ٻين ملڪن جي عاليشان ادارن ۾ پڙھن ٿا پر سنڌ ۾ مزدورن، ھارين ۽ مسڪين ماڻھن جي ٻارن کي سماجي ڏوھن، بک بدحالي، بيروزگاري، جھالت ۽ خودڪشين جي ور چاڙھيو ويو آھي۔ وڏي بي حسي ۽ نڪ جي پڪائي سان جمھوريت ۽ عوامي ھجڻ جون کوکليون دعوائون ڪيون وڃن ٿيو۔ سنڌ جي حڪمرانن ناقابل معافي جرم ڪيو آھي۔ ايندڙ وقت انھن کان ضرور حساب وٺندو.










