سنڌ ۾ ڪميشن ذريعي 125 ڀرتيون روڪڻ جو حڪم

سنڌ ۾ ڪميشن ذريعي 125 ڀرتيون روڪڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي 125 پوسٽن تي ڀرتين کان روڪي ڇڏيو.ڪاليج جي تعليم کاتي ۾ قاعدن خلاف گريڊ 16 ۾ ڀرتين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت چيو آهي ته ڪاليج ۽ تعليم کاتو گريڊ 16 جي 50 سيڪڙو پوسٽن تي ڀرتين کي روڪي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪاليج جي تعليم کاتي جون 125 جايون خالي رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.ٻڌڻي دوران وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن جي اصولن موجب 50 سيڪڙو ڀرتيون پروموشن ۽ 50 سيڪڙو ڪميشن ذريعي ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو