سنڌ هاءِ ڪورٽ 11 يوسين ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت درخواست اڪلائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 11 مڪاني يونين ڪميٽين ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي جواب کان پوءِ درخواست اڪلائي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن عملدار ۽ درخواست گذار جو وڪيل عثمان فاروق پيش ٿيو عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته اليڪشن ڪميشن کي شيڊول مطابق پولنگ ڪرائڻ جي هدايت ڏني وڃي اليڪشن ڪميشن عملدارن 11 يونين ڪميٽين جو شيڊول عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو جواب ۾چيو ويو ته نوٽيفڪيشن مطابق اليڪشن 18 اپريل تي ٿيندي اليڪشن جا نتيجا 20 اپريل تي جاري ڪيا ويندا عدالت اليڪشن ڪميشن جي جواب کان پوءِ درخواست اڪلائي ڇڏي داخل درخواست ۾ موقف اختيارڪيو ويو هو ته 11 سيٽن تي چيئرمين، وائيس چيئرمين جون چونڊون نه ٿيون هيون اميدوارن جي لاڏاڻي ۽ ٻين سببن جي ڪري چونڊون نه ٿيون هيون 11 سيٽن تي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان به رابطو ڪيو ويو اليڪشن ڪميشن 11 سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي ميئر شپ واري عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بنا دير چونڊون ڪرايون وڃڻ اليڪشن ڪميشن کي بنا دير 11 سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو