سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي روڪي ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي روڪي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاد رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي کان روڪيندي چيو آهي ته موٽر وهيڪل ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس ۽ ايڊوائس ٽيڪس جي موجودگي ۾ شهرين کان ميونسپل ٽيڪس وصول ڪرڻ مناسب ناهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي اهو ئي ٽيڪس آهي جيڪو بجلي جي بلن ۾ وصول ڪيو پيو وڃي.جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شهري اهو ٽيڪس ادا نه ڪندا ته سندن بجلي بند ڪئي ويندي.ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب عدالت کي ٻڌايو ته اسان بحالي لاءِ ڪوششون ڪيون پر ڪامياب نه ٿيا، ان کان علاوه 4 ارب رپيا آمدني ٿيندي ۽ اها رقم شهر جي انفراسٽرڪچر جي بهتري تي خرچ ڪئي ويندي.جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته پراپرٽي ٽيڪس ۽ موٽر وهيڪل ٽيڪس آمدني جو 20 سيڪڙو شهر تي لڳايو وڃي، ان ٽيڪس جي ضرورت ناهي.ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته هي ٽيڪس گهٽ ۾ گهٽ 50 رپيا ۽ وڌ ۾ وڌ 200 رپيا آهي، پنج هزار رپين جو ٽيڪس گهٽ ڪري 200 رپيا ڪيو ويو آهي، اڳ اهو ڪنهن ٻئي جي کيسي ۾ ويندو هو، هاڻي ڪي ايم سي وٽ ايندو.عدالت ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان شهرين کي ڪهڙيون سهولتون ڏيندا؟ مرتضيٰ وهاب چيو ته روڊن، انڊر پاسن، پلن ۽ پارڪن ۽ 206 روڊن جي نگراني ڪئي ويندي. جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته روڊ ٽٽل آهن، سيوريج جو نظام خراب آهي، اسٽريٽ لائيٽون ناهن، ڦرلٽون ٿي رهيون آهن، سروس فراهم ڪرڻ کانسواءِ ٽيڪس ڪيئن گڏ ڪندا؟ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته هي نئون ٽيڪس ناهي پراڻو ٽيڪس آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهو ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ناهي، جيڪو ٽيڪس ادا نه ڪندو ان جي بجلي ڪٽي ويندي.مرتضيٰ وهاب چيو ته هاڻي ٽيڪس وصولي بند نه ڪريو، ايندڙ ٻڌڻي تائين سمورا تفصيل پيش ڪندس، اهو سڀ ڪجهه 50 ماڻهن جي احتجاج تي ٿي رهيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پاران ميونسپل چارجز شهرين تي لڳائڻ مناسب ناهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين اليڪٽرڪ پاران ميونسپل ٽيڪس جي وصولي کي روڪيندي درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو