ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پهرين اپريل کان 6 اپريل 2025 جي دوران، سنڌ حڪومت پاران غيرقانوني افغان پناهگيرن خلاف ڪارروائي ڪندي مجموعي طور تي 307 ماڻهن کي امين هائوس ٽرانزٽ ڪيمپ مان ملڪ بدر ڪيو ويو آهي.شروعاتي طور تي 313 ماڻهن جي فهرست تيار ڪئي وئي هئي، جاچ ۽ تصديق کان پوءِ 307 ماڻهن کي قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد واپس افغانستان موڪليو ويو.سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ بدر ڪيل ماڻهن ۾ 79 ٻار، 37 عورتون ۽ 191 مرد شامل آهن. هن چيو ته افغان شهرين کي ان ڪري ڊيپورٽ ڪيو پيو وڃي جو اهي غير قانوني طور تي ملڪ ۾ ترسيل هئا.هن واضح ڪيو ته غير قانوني پناهگيرن کي ڊيپورٽ ڪرڻ جي مهم جاري رهندي ۽ ان حوالي سان عالمي قانونن ۽ ضابطن تي عمل ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته سڄي دنيا ۾ غير قانوني پناهگيرن بابت قانون موجود آهن ۽ انهن جي پيروي ڪئي پئي وڃي ۽ پاڪستان به انهن ئي عالمي اصولن جي بنياد تي غير قانوني پناهگيرن کي سندن وطن واپس موڪلي رهيو آهي.










