سنڌ مان کنڀيل 605 ماڻهو گم آهن، عدالت جي پوليس کي ڇنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي پوليس ۽ هوم سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ مان 2011 کان وٺي هن مهل تائين 4214 ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا. جن مان 3609 ماڻهو واپس ٿيا پر 605 ماڻهن جو اڃا ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو. جنهن تي عدالت ٻنهي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ايترا ماڻهو گم آهن پوليس ڇا پئي ڪري؟ اوهان جي آءِ ٽيز به ٺاهيون پر اهي به فائديمند ثابت نه ٿيون. عدالت پوليس جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي کين هدايت ڪئي ته کنڀي گم ڪيل ماڻهو بازياب ڪرايو ۽ ٻن هفتن ۾ پيش رفت رپورٽ پيش ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو