سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيل ماڻھن جو درد سمجھي ٿي

سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيل ماڻھن جو درد سمجھي ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ سرڪار جو پيپلز ھائوسنگ اسڪيم رڳو ھڪ پروجيڪٽ نھ آھي پر اُن کان گھڻو اڳتي آھي، پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيڻ ۽ پنھنجو سڀ ڪُجھھ وڃائڻ وارن ماڻھن جو درد سمجھي ٿي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن رڳو گھرن جي تعمير ناھي پر عوامي خدمت ۽ ٻوڏ متاثرن جي اميد ۽ وقار جي بحالي آھي. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيسن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ سرڪار 21 لک خاندان جي لاءِ رڳو نوان گھر ئي تعمير نھ پئي پري پر زندگين جي بھ نئين سر تعمير ڪري رھي آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايت جي روشني ۾ سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن کي سندن وقار موٽائي ڏيارڻ لاءِ سرگرم آھي. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار جو پيپلز ھائوسنگ پروجيڪٽ اُن ڳالھھ جي گواھي آھي تھ پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار سدائين عوام سان بيٺل رھي آھي ۽ پيپلز پارٽي عوامي خدمت ۽ مجموعي فلاح ۽ بھبود کي سدائين مٿانھون رکي ٿي، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار اھو ثابت ڪري ڇڏيو آھي تھ حقيقي عوامي خدمت ڪيئن ٿيندي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ بي آءِ ايس پي کان وٺي پيپلز ھائوسنگ پروجيڪٽ تائين پيپلز پارٽي جيڪي بھ منصوبا لانچ ڪيا آھن اُھي سڀ ٻين صوبن لاءِ ماڊل آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو