سنڌ حڪومت پاران تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم کاتي صوبي جا سمورا تعليمي ادارا 23 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سنڌ جي تعليم کاتي سموري صوبي جي تعليمي ادارن کي 16 جي بجاءِ 23 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان  تعليم واري صوبائي وزير  سعيد غني تصديق ڪندي بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ان جو چوڻ آهي ته سموري سنڌ جا تعليمي ادارا 23 مئي تائين تدريسي عمل جي لاءِ بند رهندا.سعيد غني چيو ته موجوده ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي تدريسي نظام کي 14 مئي کان 23 مئي تائين معطل ڪيو پيو وڃي. پر ان دوران تعليمي ادارا کليل رهندا ۽ ٻارن کي آن لائن ڪلاسز، واٽس ايپ، اي ميل سميت ٻين ذريعن کان تعليمي  سلسلو جاري رکيو ويندو.جڏهن ته تعليمي اداري جا سربراهه پرنسپل يا هيڊ ماستر ڪجهه استاد ۽ غير تدريسي عملي کي گهرائي سگهندا. تعليمي سليبس جي حوالي سان جيڪا گائيڊ لائنز نومبر 2020 تي جاري ڪئي وئي آهي ان تي مڪمل عمل يقيني بنايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو