ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ڳالهائيندي چيو ته انتظام مڪمل آهن، ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي، سڀني بئراجن جا دروازا سٺي حالت ۾ آهن.ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڻي جي سطح وڌي ته ڪچي جو علائقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو، ڀارت اوچتو پاڻي ڇڏيو جنهن سبب ان کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.










