ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ثقافتي ۽ سماجي اهميت کي نظر ۾ رکندي، سنڌ حڪومت مور کي ’سنڌ جو پکي‘ قرار ڏنو آهي. سنڌ وائيلڊ لائقي کاتي پاران ايڪس تي جاري ڪيل بيان م ٻڌايو ويو آهي ته “سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن رولز 2022” تحت مور کي “سنڌ جو پکي” (Bird of Sindh) قرار ڏنو آهي.
سنڌ صوبي جو ٿر ۽ ڪارونجھر جون ٽڪريون مور جو قدرتي مسڪن آهن. سنڌ وائلڊ لائيف کاتي جي 2021ع جي سروي موجب، ٿرپارڪر جي ٻن تعلقن ۾ مورن جو انگ هڪ لک کان وڌيڪ هو.
بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نر مور کي “پي ڪاڪ” (Peacock)، مادي مور کي “پي هين” (Peahen) چيو ويندو آهي، جڏهن ته ٻنهي لاءِ گڏيل طور “پي فائول” (Peafowl) جو لفظ استعمال ٿيندو آهي.
مور جي خوراڪ ۾ ننڍا وڏا جيت، وڇون، نانگ، ٻير، جهنگلي ميوا ۽ ٻج وغيره شامل آهن. خشڪ سالي جي موسم ۾ خوراڪ جي ڳولا ۾ مور انساني آبادين جي ويجهو وڌيڪ نظر اچن ٿا، جڏهن ته مون سون جي برساتن کان پوءِ گاهه اُڀري ايندي آهي، جيتن ۽ جهنگلي ميون جي گهڻائي ٿي ويندي آهي، جنهن سبب مور وڏي علائقي ۾ پکڙجي ويندا آهن.
مور سماجي پکي آهن ۽ ٽولين جي صورت ۾ رهندا آهن. هر ٽولي ۾ هڪ طاقتور يا غالب نر مور پنهنجي حرم (مادين جي ٽولي) جي نوجوان نر مورَن کان حفاظت ڪندو آهي.
مورن کي درپيش خطرن ۾ سندن قدرتي مسڪن جو گهٽجڻ، انساني آباديءَ ۾ واڌ، شهري آباديءَ جي ڦهلاءَ، انفراسٽرڪچر ۽ روڊن جي تعمير، بجلي جون لائينون، مور جي ٻچن جو اغوا ۽ آکيرن مان انهن جا آنا چوري ٿيڻ شامل آهن.










