ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ اڄ اطلاعات کاتي جي ڪميٽي روم ۾ کاتي جي ڊائريڪٽرن سان گڏ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي هدايتون ڏنيون ته ڊائريڪٽرز پنهنجي لاڳاپيل شعبن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائين. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران عوامي ڀلائي جا وڏا ترقياتي منصوبن سميت ٻين سمورن ترقياتي منصوبن کي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي نمايان طور تي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻين ته جيئن عوام کي حڪومت پاران ٿيندڙ ترقياتي منصوبن کان موثر آگاهي ملي ۽ عوام انهن منصوبن مان بهتر طور تي فائدو حاصل ڪري سگهن. هن هدايت ڪئي ته اطلاعات کاتي جا آفيسر صحافين ۽ صحافتي ادارن سان گڏ رابطن ۽ تعلق کي وڌيڪ بهتر بڻائين ته جيئن حڪومت جي ترقياتي ڪمن کان عوام کي وقت تي آگاهي ڏئي سگهجي. سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ ڊائريڪٽوريٽ آف اشتهارات جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اشتهارن جي واجبات جي وقت تي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پراڻن ادائيگن جي ادائيگي جو بار نه کڻڻو پوي. هن چيو ته آفيسر ٽيم بڻجي ڪري ڪم ڪن ته جيئن معاملن کي وقت تي نمٽائي سگهجي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو،ڊائريڪٽر پريس عزيز هڪڙو،ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميڊيا معيز الدين پيرزادو، ڊائريڪٽراشتهارات امتياز جويو، ڊائريڪٽر پبليڪيشن منصور راجپوت، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي ۽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊڊولپمينٽ فدا حسين بالادي ۽ اطلاعات کاتي جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. .










