سنڌ حڪومت جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

سنڌ حڪومت جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن ۾ ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾مڪاني ادارن واري کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري بخش علي مهر کي  تعليم کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو،  17 گريڊ جي سيڪشن آفيسر علي رضا شاهه کي لاڙڪاڻو ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو، ميهڙ جو اسسٽنٽ ڪمشنر غلام رسول پنهور بدلي، ڪوٽڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقررٿي ويو،چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ڪمشنر آفيس سکر ۾ مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل ارباب علي شاھ کي بدلي ڪري اي سي روينيو ملير مقرر ڪيو ويو، خالد محمود بلوچ کي اي ڊي سي ٽو ملير مقرر ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو