ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي حصي ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وئي ته 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ پاڻي ڪيئن مهيا ڪيو ويو؟ سنڌ حڪومت ارسا جي وضاحتي بيان کي رد ڪري ڇڏيو، ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ارسا پاڻ مڃيو ته سنڌ کي پاڻي جي فراهمي وڌائي ڇڏي آهي، سڌ کي حصي جو پاڻي نه پئي مليو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار آواز اٿاريو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته اين سي او سي تڪڙ ۾ سموريون شيون بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڪورونا جا ڪيسز وڌيا ته ٻيهر سخت قدم کنيا ويندا، وفاقي سرڪار ٽيڪنالوجي ڪتب آڻي وڌيڪ آڪسيجن گئس پيدا ڪري، ڄامشورو ۽ گڊو پاور پلانٽ کي استعمال ڪري وڌيڪ گئس پيدا ڪري سگهجي ٿي، ڪوٽڙي ۽ لاکڙا پلانٽ ۾ وڌيڪ 2 پلانٽ موجود آهن..










