سنڌ جي 14 فيڊرن ۾ ٽن ڏينهن کان بجلي غائب لکين بجلي صارفين پريشان

سنڌ جي 14 فيڊرن ۾ ٽن ڏينهن کان بجلي غائب لکين بجلي صارفين پريشان

اي اي عباسي
اڳ ئي موسمياتي کاتي پاران اطلاع ڏنو ويو هيو ته 17 کان 20 اپريل تائين سنڌ جي فلاڻن شهرن علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو سلسلو جاري رهندو، جنهن کانپوءِ سنڌ جي اندر آخري ڏهاڙي واري تيز هوائن توڙي ڪلاڪ اڌ جي برسات کان پوءِ ٻڌايو پيو وڃي ته شڪارپور جي ڊکڻ واري علائقي ۾ بجليءَ جا 8 پول ڪري پيا ۽ جنهن کانپوءِ لاڙڪاڻو ڊويزن جي لاڙڪاڻو ضلعو ، شڪارپور ضلعو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ تقريبا ٽن ڏينهن تائين بجليءَ جو نظام درهم برهم ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته 132 ۽ 66 ڪي وي جي 14 فيڊرن ۾ بجلي جو نظام مڪمل طور تي ناڪارهه ۽ فيل ٿي ويو، جنهن ڪري لاڙڪاڻو نيو، لاڙڪاڻو سائيٽ، ڏوڪري، رتوديرو، نئون ديرو، ميروخان، ڳڙهي خيرو، ڳڙهي ياسين، مديجي، قمبر ، شهداد ڪوٽ، شڪارپور، وارهه، راڌهڻ شامل آهن. انهن 14 فيڊرن ۾ بجليءَ جو مڪمل طور تي نظام درهم برهم ٿيڻ کانپوءِ انهن شهرن ۾ رهندڙ ٽن ضلعن جا لکين ماڻهو بجليءَ جي سهولت کان محروم ڪلاڪ اڌ لاءِ نه پر مسلسل ٽن ڏينهن تائين ڄڻ ته محروم رکيا ويا، جنهن ڪري عيد جي موقعي تي ٽيلر ماسٽر درزي، هيئر ڊريسر وار ٺاهيندڙ حجم، شوز جي دوڪاندارن، ڪپڙن جي دوڪاندارن، ٻيو ته ٺهيو پر اسپتالن ۾ مريضن، بئنڪ ۾ ڏيتي ليتي ڪندڙ ڪاروباري ماڻهن ۽ ٻين سميت هرهڪ مڪتب فڪر جي ماڻهن ، سڃاهه وند ڌرين ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته سنڌ جي ايڏي وڏي سيپڪو واپڊا جي کليل غفلت ۽ لاپرواهيءَ تي ڪنهن به قسم جو ڪو به رد عمل بظاهر ظاهر نه ٿيو بس عام رواجي اها ڳالهه ڪئي وئي ته برسات پوڻ ۽ هوائن لڳڻ ڪري ڪجهه بجلي جا پول ڪري پيا آهن انهن تي ڪم هلندڙ آهي، جنهن کان پوءِ مسلسل 60 کان 72 ڪلاڪن تائين سنڌ جي ٽن وڏن ضلعن ۾ لکين آبادين وارن علائقن شهرن ۾ بجلي نه هجڻ ڪري ڪاري اوندهه جو راڄ جاري رهيو ۽ انهي دوران لکين شهري بجلي صارفين تازو ميهڙ ڀرسان افسوسناڪ ۽ ڏکائيندڙ باهه ۾ وڪڙيل واقعي وانگر بيوس بڻيل رهجي ويا، سيپڪو واپڊا جي سفيد هاٿي کي انهيءَ ڳالهه جو شايد اندازو ئي ناهي ته انهن ٽن ڏينهن دوران مسلسل بجلي بند ڪرڻ سبب ڪيترو ۽ ڪيئن ڪروڙن رپين جو نقصان ٿيو هوندو؟، 14 شهرن ٽن ضلعن جي لکين عوام جو پوري ملڪ پاڪستان بلڪ پيارن مٽن مائٽن رشتيدارن سان دنيا ليول تي رابطو ڪٽيل رهيو، سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته اهي 8 بجليءَ جا پول ڪيئن ڪريا ۽ ڪنهن ڪرايا ؟، انهيءَ جي باري ۾ پوري طرح غير جانبدارانه ايماندار آفيسرن کان تحقيقات ڪرائي وڃي ته جيئن آئنده اهڙي غير ذميوارانه سيپڪو جي غفلت ۽ لاپرواهيءَ جي پروڙ ٿي سگهي، باشعور ۽ ساڃاهه وند ڌرين جو چوڻ آهي ته سالن کان موبائيل جا پول لڳا پيا آهن اهي محفوظ آهن ؟ پر سدائين سرڪاري بجلي گهر، بجلي جا پول ٽرانسفارمر هميشه غير محفوظ ۽ لاوارثيءَ جو شڪار ڇاڪاڻ رهن ٿا؟، ڳالهه چٽي ۽ واضع آهي ته انهن موبائيل جي پولن جي مالڪي آهي پر هنن سرڪاري بجليءَ جي پولن جي مالڪي نه هجڻ ڪري اهڙا واقعا رونما ٿيندا رهن ٿا. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هنن ڪاڙهي جي سخت گرميءَ جي ڏهاڙن ۾ اهي ٽي ڏهاڙا بجلي صارفين ڪهڙين مصيبتن ۾ گذاريا هوندا؟، روزيدار مومن مسلمان عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم سحري، افطاري، تراويح، تهجد، اشراق، چاشت، صلوات اوابين، صلوات تسبيح وغيرهه سان گڏ قرآن پاڪ جي تلاوت اونداهي راتين ۾ ڪيئن ڪئي هوندي؟، پيرسن، ضعيف العمر مرد، عورتين ۽ معصوم ٻارڙن جي سخت گرميءَ ۽ نٽهڻ اس ۾ ڪهڙي حالت غير بڻي هوندي؟، ايڏي وڏي واقعي ٿيڻ تي ڪنهن به وفاقي توڙي صوبائي سنڌ، پيپلز پارٽي جي مرڪزي ته مرڪزي پر صوبائي توڙي مقامي قيادت به ڪنهن قسم جو نج ۽ خالص عوامي مسئلي تي موقف نه ڏنو ۽ نه ئي وري اهڙي عوام دشمن ڪاروائي ٿيڻ تي انهن سيپڪو جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف مذمتي بيان به نه هلايو، بس عام رواجي ڳالهه ته اوچتو پول ڪري پيا آهن ڇا بجليءَ جا هيوي پول ڪي ڀتر ٺڪر جا هيا جو اهي هڪ ئي وقت 8 پول ڪري پٽ پئجي ويا، ضرور انهيءَ پٺيان ڪا سازش، ڪي مافيائون سرگرم عمل هونديون، اهو پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته انهن پولن کي مضبوط ڪندڙ ڪا لوهي گرل وغيرهه هوندي آهي جنهن ڪري اهي پول محفوظ ۽ سگهارا رهندا آهن ۽ انهن لوهي گرل وغيرهه کي ڪي چور معاشرو جو گندو عڪس اهي لوهي شيخون گرل وغيرهه چوري ڪرڻ سبب اهڙو واقعو پيش آيو آهي، خدا ڄاڻي ٿو ته سيپڪو واپڊا پنهنجو قبلو ڪڏهن درست ڪندي ڇاڪاڻ ته اسان جو جڏهن ٻه سال اڳ آزاد ڪشمير جي ٽوئر دوران هڪ پئٽرول پمپ وٽ گاڏيءَ ۾ پئٽرول ڀرائڻ وقت انهن کان حال احوال ٿيو ته انهن ٻڌايو ته اسان وٽ به پهريان لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي پر هاڻي هڪ منٽ به نه ٿيندي آهي، سوال ڪيو ته ڇو انهن ٻڌايو ته اسان جي شهر مظفر آباد جا سمورا شهري سراپا احتجاج بڻجي گهرن مان نڪري پيا، جنهن تي اسيمبلي ميمبر عوام وٽ پهتا ته اهڙو سخت احتجاج ڇاڪاڻ ڪيو اٿو؟، انهن کي ٻڌايوسين ته احتجاج تيستائين ختم نه ٿيندو جيستائين يقين ڏياريو وڃي ته لوڊشيڊنگ هاڻي نه ٿيندي؟، انهي ڏينهن کان پوءِ اسان لوڊشيڊنگ جي لعنت مان آزاد آهيون، پڇا ڪئي وئي ته پوءِ بجلي جو بل ڪيترو ايندو اٿو ؟، جڏهن هڪ منٽ به بجلي بند نٿي ٿئي ته ؟،. جواب ۾ ٻڌايو ويو جنهن تي حيرت ٿيڻ لڳي ته انهن ٻڌايو ته ٻه يا ٽي سئو وڌ ۾ وڌ پنج سئو رپيا بجلي جو بل ايندو آهي. هاڻي اندازو ڪريو ته سنڌ جي بجلي صارفين سان ڪيڏو ڪلور، ظلم ۽ ذيادتي پئي ٿي جو بجلي جا بل به وڏا مهانگا اسان برداشت ڪريون ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب به اسان مٿان تاڦيو وڃي ٿو، مهانگي ۾ مهانگي بجلي سنڌ صوبي وارن جي نصيب ۾ آهي ۽ وري غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جي شامت به سنڌ صوبو ڀوڳي رهيو آهي، نئين پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار جڏهن پي ٽي آءِ سان ناراض ٿيندي هئي ته ميار بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڏيندا هيا پر هاڻي ته نئون ۽ پراڻو ٻئي پاڪستان پ پ ۽ نواز ليگ جي هٿ ۾ آهن ته پوءِ پيپلز پارٽي جا ڳڙهه سمجها ويندڙ شهر لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ ٽي ڏهاڙن کانپوءِ به بجلي جي مسلسل اک ٻوٽ ، بجليءَ جا نام نهاد هٿرادو جهٽڪا، هڪ ڪلاڪ به لاڳيتو بجلي نه هوندي ته ڪاروبار ڌنڌا بزنس ڪهڙي قسم جا هنن ضلعن ۾ جاري رهي سگهندا ؟، پ پ پ حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ووٽرن جو هاڻي ته ڪجهه خيال ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته 26 جولاءِ تي بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن. تنهن ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ مان سنڌ کي نجات ڏياريو ته سنڌ خوشحالي ۽ ترقي جو روپ پسي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو