سنڌ جي گيس فيلڊز پاران ڳوٺن کي گيس نه ڏيڻ تي جواب طلب

سنڌ جي گيس فيلڊز پاران ڳوٺن کي گيس نه ڏيڻ تي جواب طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود سنڌ جي 21 ضلعن ۾ قائم گئس فيلڊز جي پنجن ڪلو ميٽرن جي فاصلي اندر  قائم ڳوٺن کي گئس فراهم نه ڪرڻ تي پيٽروليم ۽ قدرتي وزارت جي سيڪريٽري کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري هفتي اندر وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم سومر تي روشن لکڻ ۽ ٻين پاران داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران عدالت سوال ڪيو ته سي سي آءِ جي فيصلن جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق ڳوٺن کي گئس جي فراهمي لاءِ فنڊز ڪير فراهم ڪندو ۽ ڇا حڪومت سي سي آءِ جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ پابند آهي. ان موقعي تي عدالتي معاون عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق مقامي ڳوٺن ۾ گئس جي فراهمي جي ذميواري پيٽروليم قدرتي وسيلن واري وزارت جي هئي پر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد لاءِ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي. عدالتي معوان مخدوم علي خان عدالت کي ٻڌايو ته پيٽروليم واري وزارت عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪئي آهي جنهن ڪري اها سزا جي لائق آهي. ان موقعي تي سئي سدرن گئس ڪمپني جي وڪيل سئي سدرن اينڊ نادرن گئس جي فنڊن جي ادائيگي جي مخالفت ڪري ڇڏي. وڪيل موجب سي سي آءِ جي فيصلن تي عملدرآمد وفاق جي ذميواري آهي. سپريم ڪورٽ 27 ڊسمبر 2013ع تي حڪم ڏنو هو ته 5 ڪلو ميٽر جي حدن ۾ ڳوٺن کي گئس فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم 15 سيپٽمبر 2003ع ۾ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ گئس فراهمي جون هدايتون ڏنيون هيون. وفاق ۽ آئل ڪمپنين فنڊن جي کوٽ جو بهانو بڻايو ۽ 6 سال گذري ويا. عدالت حڪم ڏنو ته پيٽروليم واري ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرائڻ جي ذميوار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو