حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڇنڇر جي شام مٽيءَ جي طوفان ۽ هلڪي مون سون برسات کانپوءِ احتياطي قدم طور حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) سوين فيڊرن جي بجلي بند ڪري ڇڏي، جنهن سبب حيدرآباد جا وڏا علائقا اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويا.
ٻئي طرف سنڌ جي ٻين علائقن ۾ تيز برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
حيسڪو جي ترجمان صادق ڪٻر موجب، برسات شروع ٿيڻ کان ٿوري دير پوءِ حيدرآباد جي 166 مان 157 يارنهن ڪلو وولٽ (11kV) فيڊرن جي بجلي معطل ڪئي وئي. حيسڪو جي سڄي آپريشنل علائقي ۾ 722 مان 355 فيڊرن جي بجلي پڻ بند ڪئي وئي.
هن چيو ته فيلڊ ٽيمون ٽرانسميشن لائينن جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ۽ انهن کي محفوظ قرار ڏيڻ کان پوءِ لاڳاپيل گرڊ اسٽيشنن کي اجازت ڏينديون، جنهن کان پوءِ مرحليوار بجلي بحال ڪئي ويندي.
جيتوڻيڪ حيدرآباد شهر، لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ هلڪي کان وچولي برسات ٿي، پر ٽنڊوڄام ۾ وڌيڪ تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
برسات سبب شهر ۾ ڪجهه معمولي ڍانچن کي نقصان پڻ ٿيو. ريسڪيو 1122 موجب، ورهاڱي کان اڳ تعمير ٿيل گنگا رام نواس عمارت، جنهن ۾ پڪي قلعي ڀرسان مکي هائوس ميوزيم قائم آهي، جي ٻاهرين ڀت جو هڪ حصو روڊ تي ڪري پيو. خوشقسمتي سان ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جو اطلاع نه مليو.
هوڏانهن، ٺٽو، سجاول، ٿرپارڪر، بدين ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ تيز مون سون برساتن جو سلسلو جاري آهي.
ميرپورخاص ضلعي جي نئون ڪوٽ ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ سيد تاج محمد شاهه نالي هڪ شخص وڄ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو. رپورٽن موجب ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٽي ٻڪريون ۽ هڪ اُٺ پڻ مري ويا. ياد رهي ته جمعي ڏينهن به ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٽي ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.










