سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪستان نيوي جو رليف آپريشن جاري

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪستان نيوي جو رليف آپريشن جاري

ڪراچي (پ ر)سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪستان نيوي جو ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري آهي پاڪستان نيوي پاران سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺاڻن علائقن جن ۾ سجاول، جاتي، سيدپور، سهتو ڳوٺ، لوٿيو ڳوٺ، جمالي ڳوٺ، مولا ڳوٺ، پنهور ڳوٺ، اُرڪي، اٿل، لاڙڪاڻو شامل آهن، ۾ وڏي پيماني تي هيومنٽرين ريليف اينڊ ڊزاسٽر رليف (HADR) آپريشنز جاري آهن. ترقي مريد کوسو، پير جهالو، ڪيٽي بندر، شاهه بندر، چوهڙ جمالي، گهوٽڪي، پير دينو شاهه، سيد داد علياڻي ۽ ميرپورخاص. پاڪستان نيوي اهلڪارن ٻوڏ ۾ ڦاٿل مقامي ماڻهن کي بچائي ورتو ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو. پي اين جي امدادي ٽيمون مختلف علائقن ۾ ڊي فلڊنگ آپريشن تيز ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه جاتي ۽ پير دينو شاهه ۾ مفت طبي ڪيمپون پڻ لڳايون ويون آهن ته جيئن مقامي ماڻهن کي فرسٽ ايڊ ۽ مفت طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. انهن علائقن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون وقف ٽيمون متاثرن کي مفت علاج ۽ دوائون فراهم ڪري رهيون آهن. پاڪ بحريه جي جوانن متاثرن ۾ راشن بيگز، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ دوائون سميت گهريلو سامان ورهايو. پاڪستان نيوي، سول انتظاميا ۽ مختلف فلاحي تنظيمن سان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي مسلسل مدد ڪري رهي آهي، جڏهن ته بدترين متاثر علائقن ۾ بحاليءَ جي ڪمن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ امدادي ڪارروايون پ پ جي ان عزم جو عملي مظهر آهي ته ڏک جي گهڙي ۾ هم وطنن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو