سنڌ جي وسيلن تي قبضي بعد ٿر تي به قبضو آهي، خاصخيلي

اسلام ڪوٽ ( رپورٽ صادق  بجير)عوامي تحريڪ پاران ڪوٺايل ٿر بچايو  سنڌ بچايو ڪانفرنس واري جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، ان جي سڀني وسيلن تي قبضا ڪيا ويا آهن. اسان  جي هڪ ڪروڙ ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي ۽ شهري زمينن تي قبضا ٿي چڪا آهن، اسان کان سنڌو درياءَ جو پاڻي کسجي چڪو آهي. اسان کي تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻين معدني وسيلن کان محروم ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته  حالت اها آهي، جو ٿر تي قبضو ٿي رهيو آهي. اسان ترقي جي خلاف ناهيون پر هتي ترقي جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، اسين ان ڦرلٽ ۽ قبضن خلاف آهيون. هن چيو ته  ٿرين سان گسٽاپو وانگر جنگي قيدين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. آئون هن موقعي تي اها ڳالهه چٽي ڪرڻ ٿو چاهيان ته سنڌ کي بنگلاديش جهڙين حالتن ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. تنهن ڪري آئون سڄي ملڪ ۽ سڄي دنيا جي امن پسند ۽ انصاف پسند ماڻهن جو ڌيان ٿو ڇڪايان ته اسان سنڌين سان جيڪي عقوبتون ڪيون پيون وڃن. ان ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون برابر جون شريڪ آهن. هن چيو ته آئون عوامي تحريڪ جي صدر جي حيثيت سان اها ڳالهه واضح ٿو ڪريان ته اسان سنڌي پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين. اسين ٿر جي مالڪي ڪنداسين. سنڌ جي انچ انچ جي مالڪي ڪنداسين، سنڌ جو ٻچو ٻچو مرد عورتون گڏجي پنهنجي وطن جي بچاءُ لاءِ پُرامن جمهوري جدوجهد جاري رکنداسين.

Photo Sindhyar

ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آئون هن ٿر بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس جي سلسلي ۾ هفتي کان وٺي هتي آهيان، ڳوٺن ۾ ويو آهيان ٿرين سان مليو آهيان. ٿرين اسان کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن . هتي ڪمپنيون ٿرين کي ڄڻ کٽمٺڙا ڏيئي، کانئن سون جهڙيون زمينون، گهر گهاٽ، مڙه مقام کسي رهيا آهن. مون کي هڪڙي ٿري ٻڌايو ته ماڻهو جيڪي چون ٿا ته ٿر جو ڪوئلو ڪارو سون آهي اها ڳالهه صحيح آهي، پر درحقيقت ڪوئلي جي هيٺيان سچو پچو سون به موجود آهي، هن اسان کي موبائيل ۾ اهڙيون تصويرون ڏيکاريون جن ۾ ڪوئلي اندر سون ۽ چاندي جهڙي رنگ جا چڻي جيڏا داڻا موجود هئا. سنڌ جون جيڪي موجوده حالتون آهن، مونکي لڳي ٿو ته  آهستي آهستي سنڌ ۾ افغانستان جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. تنهن ڪري ڀائرو ۽ ڀينرون اچو ته گڏ ٿيون ۽ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پُرامن جهموري جدوجهد وسيلي پنهنجو وطن ۽ وسيلا بچايون. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ نان سولين توڙي نام نهاد جهموري حڪومتن سنڌ کي ايترو نقصان نه ڏنو آهي جيترو گذريل ٻارهن ترنهن سالن ۾ پ پ پ ڏنو آھي هن چيو  ته ٿر ڪول ۾ ڪم ڪندڙ هڪ وڏي اينگرو ڪمپني ۾ وڏو حصو سنڌ حڪومت جو آهي. ٿرين جا جيڪي مسئلا آهن انهن جي ذميوار پ پ آهي. اسان توهان وٽ ٿر بچائڻ، سنڌ بچائڻ جو پيغام کڻي آيا آھيون . هن چيو ته اسين پنهنجا تڏهن وسيلا ۽ حق بچائي سگهنداسين جڏهن توهان عورتون به هن جدوجهد ۾ شامل ٿي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪنديون. ان ڪري توهان کي دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ عورتن کي رڌڻن ۾ قيد ڪرڻ بدران قومي عوامي جمهوري جدوجهد ۾ شامل ڪندو . عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن ڪاري سون جي ڌرتي ٿر کي لاپرواهي ۽ ڪرپشن سبب ايٿوپيا بڻائي ڇڏيو آهي. گذريل تيرنهن سالن کان مسلسل پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، پر ٿر ۾ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ سبب روزاني درجني معصوم ٻار تڙپي تڙپي پنهنجي مائرن جي جهولين ۾ فوت ٿي وڃن ٿا. ٿر جي هيڊ ڪوارٽر مٺي شهر جي سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي ۽ ٻي طرف ٿر جي ماڻهن کي ٻڌايو ويو هو ته ڪوئلو نڪرندو ته ٿر ترقي ڪندو ۽ ٿر واسين جي قسمت تبديل ٿي ويندي، ٿر واسين جي قسمت حڪمرانن اهڙي تبديل ڪئي آهي جو ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ڌارين کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن. مقامي ماڻهن جي کاتي وارين زمينن تي زوري قبضو ڪيو ويو آهي. گئوچر، مقامن، مساڻن ۽ عبادتگاهن جي لکين ايڪڙ زمين هڙپ ڪئي ويئي آهي. ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي ڪنهن هڪ به ڳوٺ کي نه ڏني ويئي آهي. هن چيو ته دودو ڀيل جهڙن نوجوانن کي ڪمپني جا بندوق بردار تشدد ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏين ٿا، قاتلن کي سزا ڏيڻ بدران پوليس قاتلن کي ڀڄايو ڇڏي ٿي. ٿر جي ماروئڙن کي پيئڻ جي مٺي پاڻي لاءِ آر او پلانٽ ڏيڻ جي بحاني اٺ اربن کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي ويئي آهي. 750 آر او پلاٽن مان  تقريبن 450 ئي لڳا ٻيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا . جيڪي لڳا تن مان نوي سيڪڙو آر او پلانٽ ناڪاره بڻيل آهن. ٿر جي ماڻهن کي کارو زهر جهڙو پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي ته جئين ٿرواسي کارو زهر جهڙو پاڻي واپرائي موت مار بيمارين سبب فوت ٿيندا رهن. هن چيو ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي پاليل حڪمرانن کي سنڌ جا ماڻهو نه ٿا گهرجن، پر سنڌ جا وسيلا، تيل، ڪوئلو، گئس، پيٽرول ۽ ٻيا معدني وسيلا گهرجن ٿا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي ليگل ايڊوائيزر ۽ ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ڳالهائيندي چيو ته هڪ منظم سازش تحت سنڌ جي تاريخي ماڳن، تفريحي مرڪزن، وسيلين ۽ عوامي ملڪيتن کي مال غنيمت سمجهي ڦريو لٽيو ۽ نيلام ڪيو پيو وڃي. ان عمل ۾ اسٽيبلشمينٽ، وڏيرا، ڪمپنيون ۽ مافيائون  ملوث آهن. ٿر ڪنهن کي به ياد نه هو هاڻي جڏهن ڪوئلو، چائنا ڪلي، لوڻ، گرينائيٽ ۽ بي مثال ورلڊ هيريٽيج ڪارونجهر جبل جي ڪري سمورين مفاد پرست مافيائن ٿر ڏانهن رخ ڪيو آهي، جيڪي ڪارونجهر کي ڪپڻ، ٿر جي دولت کي لٽڻ ۽ ان جي قدرتي شڪل کي بگاڙي دنيا جي تختي تان ميسارڻ چاهين ٿيون.

Photo Sindhyar

ٿر جو عوام اها ڳالهه برداشت نه ڪندو. ٿر جو ماڻهو ترقي چاهي ٿو، تبديلي ۽ خوشحالي لاءِ تيار آهي، پر ان جي عيوض پنهنجي سڃاڻپ، نرالائپ ۽ وسيلن جو سودو برداشت نه ڪندو. ٿري  ماڻهن کي ترقي جي نالي ۾ پنهنجي اباڻن پڊن، مڙهن، مقامن ۽ ملڪيتن تان بي دخل ڪري ديوار سان لڳائڻ واري عمل خلاف ٿر جا ماڻهو پرامن جدوجهد ڪندا. هتي گهڻ پاسائون حملو آهي. هڪ طرف اصلوڪا ڳوٺ ڊاهي، اويڪيو رڪارڊ غائب ڪري گئوچر تباهه ڪري ماڻهو قتل ڪرائي ايسٽ انڊيا ڪمپني وانگر ٿرين جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سائينو سنڌ ڪمپني، اينگرو ڪمپني ۽ ٻين ڪمپمنين جي انتظاميا، اسٽيبلشمنيٽ ۽ مفادپرست غدار وڏيرا حڪومت سان ملي سي پيڪ منصوبي کي ڄاڻي واڻي تقراري منصوبو بنائي رهيا آهن. چين پنهنجن منصوبن ۾ هتي جي عوامي مفادن جي تباهڪارين جو جائزو وٺي. ڪمپنيون ماڻهن جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪن. حڪومتون توڙي مقامي انتظاميا ڪمپنين جي چمچاگيري ڪري، ٿري عوام جي مفادن کي چيڀاٽڻ ڇڏي ڏين. ٿر جو عوام سنڌ دوست وطن دوست پرامن جهموري جدوجهد جاري رکندو ۽ پنهنجي وسيلن جو بچاءُ ڪندو. عوامي تحريڪ هر وقت انهن سان گڏ هوندي، ڀائرو اٿو ٻڌي ڪريو، گڏ ٿيو ته پنهنجا وسيلا بچايون. عوامي تحريڪ جي نائب صدر رسول بخش پليجي  جي ڀيڻ حورالنسا پليجو  ۽ اوڀايو جوڻيجو،  ڊاڪٽر دلدار لغاري، سينئر صحافي اسحاق منڱريو،  نور محمد ٽالپر،  زرقا هاليپوٽو، ساجده پرهياڙ،  عاطف ملاح،سارنگ راجا، علي محمد پرويز ميمڻ، ماهه نور ملاح، گل حسن ڪيڙانو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ، لال جروار، مريم گوپانگ، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي صدر ايڊووڪيٽ حاجياڻي لنجو، ديال صحرائي، سماجي اڳواڻ ساجن چاريو، گهومو مل ڀيل، ايڊوويٽ ليلا رام ۽ ٻين خطاب ڪيو. قومي راڳي سوڍي جوڳي، سنڌو ملاح، ڀڳڙو مل ۽ ٻين فنڪارن قومي ۽ انقلابي گيتن سان پنڊال کي انقلابي جوش ۽ جذبي سان سرشار ڪري ڇڏيو. ايس جي ايس ٽي ۽ ايس بي ٽي جي ٻارڙين قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيپلوز پڻ پيش ڪيا.

Photo Sindhyar

پهنجو تبصرو موڪليو