ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مبارڪپور ويجهو موسيٰ شاخ کي 50 فوٽ گهارو لڳڻ سبب ساريالو فصل پاڻيءَ هيٺ، ڳوٺ خير محمد بنگلاڻي وٽان لڳل گهاري جو پاڻي مختلف ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو، علائقي واسين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ٺل تعلقي جا بااثر وڏيرا پنهنجي زمينن مان برساتن جو پاڻي موسيٰ شاخ ۾ نيڪال ڪري رهيا آهن، ٺل انتظاميا ۽ آبپاشي عملو بااثر وڏيرن جي ونگار وهي رهيا آهن علاقي واسين جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي اندر موسيٰ شاخ کي 6 گهارا لڳي چڪا آهن، آبپاشي عملدار ننڊ پيا آهن، سدائين اسان کي ٻوڙيو وڃي ٿو، فوري طور گهارو بند ڪيو وڃي ٽنڊو آدم ڀرسان ٻن شاخن سوئي ڪندر ۽ ٻرڙا مائينر کي به گهارا، ٽنڊو آدم برانچ کي روڻيون، گهارن جو پاڻي 5 ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي، ڳوٺ طارق آرائين وٽان سوئي ڪندر شاخ کي لڳل گهاري جو پاڻي ڳوٺ طارق آرائين ۽ عمران بروهي ۾ داخل ٿيڻ لڳو آهي ٻرڙا مائينر کي ڳوٺ طالب ٻرڙا وٽان لڳل گهاري جو پاڻي ڳوٺ جلال مري، ڪرڙ ٻرڙو، جمعو بروهي ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو، ڪمند، وونئڻ ۽ انبن جا باغ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻن پاران فوري طور گهارا بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.










