سنڌ جي شعور اجمل ساوند جو قتل

سنڌ جي شعور اجمل ساوند جو قتل

محمد خالد ميمڻ
سنڌ امن جو گهوارو آهي سنڌ مان پيار ۽ محبت جي خوشبو ٿي اچي سنڌ صوفين درويشن بزرگن جي ڌرتي آهي سنڌي مهمان نواز آهن اهڙيون ڳالهيون ننڍپڻ کان ٻڌڻ ۾ اينديون هيون ۽ پنهنجي زندگي جي مشاهدي جي آڌار تي ڪجھ انهن ڪيل ڳالهين جي سچائي به ڏسڻ ايندي هئي جنهن جي ثبوت طور پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جا گهڻا مثال ملندا هيا باقي ورهاڳي کان بعد به صورتحال صفا اهڙي به خراب نه هوندي هئي جيڪا هاڻي گذريل ڪجھ ڏهاڪن کان ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي خراب ٿيندي ۽ روزانه سڄي سنڌ اندر ۽ خاص طور وري اتر سنڌ ۾ جيڪي اغوا جون وارداتون ۽ جيڪا ماراماري لڳي پئي آهي ته ڌاڙيل سرعام عام ماڻھن کي زبردستي عورتن جي آواز ۾ مختلف لالچون ڏئي گهرائي قيد ڪري انهن تي سخت انسانيت سوز تشدد ڪري مائٽن ڏانهن سوشل ميڊيا جي ذريعي وڊيوز ڀري موڪلي ڀنگ وٺن ٿا ۽ پوليس وارن کي جديد هٿيارن سان شهيد ڪرڻ جي واقعن ۾ ائين اضافوٿي رهيوآهي جو لڳي ٿو ته ايڏانهن حڪومت انهن ڌاڙيلن جي آهي جواهي جيئن چاهين ٿا ائين پيا ٿا ڪن کين چوڻ وارا رڳو نالي ۾ آهن پر اصل انهن جو وجود بلڪل به ناهي ۽ هو جڏهن به چاهين پروفيسر اجمل ساوند جهڙي سنڌ جي شعور کي قبائلي جهيڙي جي آڙ ۾ شهيد ڪن ته ڪري سگهن ٿا اجمل ساوند جنهن آرٽيفيشل ٽيڪنالوجي ۾ ايم فل ڪئي ۽ کيس يورپ ۾ هڪ ڪلاڪ جي ليڪچر جا 30 هزارملندا هيا ۽ گڏوگڏ کيس کي هرسيڪيورٽي به مهيا هوندي هئي پر ان انسان دوست شخص اهي پيسا اهو رتبو صرف ان ڪري ڇڏي ڏنو ته مان پنهنجي سنڌ واسين کي تعليم ڏئي کين دنيا وارن سان ڪلهوڪلهي سان ملائڻ لائق بڻايا پر نتيجي ۾ اسان بيشعوري جو پڪو ثبوت ڏيندي کيس سرعام گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو اهڙن واقعن بعد اسان عوام جي ذهن ۾ سوال ٿا اڀرن ته انهن ڌاڙيلن قبائلي دهشتگردن کي پوليس کان به وڌيڪ جديد هٿيار ڪير ٿو پهچائي ڏئي ۽ هن جديد دؤر ۾ جتي ڪير ڪٿي به لڪي نه ٿو سگهي ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي مدد سان ڪنهن کي به پاتال مان به ڳولي سگهجي ٿو ته پوء آخر ڪهڙا سبب آهن جو اسان جي سرڪار خاص طور پوليس کاتي جو زور رڳو زيڊ۔21 سوپاريون کپائيندڙن کائيندڙن کي پڪڙڻ تي لڳو پيو آهي ۽ هنن عوام آزار ڌاڙيلن کي ائين جانور وانگر کليو آخر ڇو ڇڏيو ويو آهي ته اهي جيئن ٿا چاهين پيا ٿا ڪن آخر ڇو ان جا ڪهڙا سبب محرڪات آهن اهڙا سوال رڳو منهنجي نه پر هر سنڌ واسي جي ذهن ۾ آهن ان سوالن جي جواب جي تلاش ۾ جڏهن کوجنا ڪئي وئي ته مختلف سياڻن باشعور ماڻھن ٻڌايو ته ڌاڙيل راڄ جي واڌاري ۾ وڌ ۾ وڌ هٿ سنڌ جي سياستدانن ڀوتارن جو آهي جو انهن جون ڪچي ۾ هزارين ايڪڙ زمينون جن تي اهي انهن ڌاڙيل مافيا جي ذريعي قبضا ڪيو ويٺا آهن ۽ اهي سياستدان مختلف حڪومتن ۾ اليڪشنون کٽي اسيمبلين ۾ پهچي ٿا وڃن ۽ پوليس کاتي سميت ٻين کاتن ۾ پنهنجي مرضي جا ڪمدار قسم جا آفيسر رکرائي انهن جي ذريعي جديد قسم جا هٿيار گهرائي ڌاڙيلن کي ڏين ٿا ۽ اهي ڌاڙيل هنن جي ڪچي وارين زمينن کي آباد ڪري کين اپت پهچائين ٿا ۽ سندن جي ڀوتاري برقرار رکڻ لاء هنن جي هرقسم جي حڪمن جي پيروي ڪن ٿا ۽ جواب ۾ اهي عوام دشمن سياستدان ڀوتار کين مڪمل تحفظ کي يقيني بڻائين ٿا ۽ ڌاڙيل وري انهن جي زور تي صفا بي ڊپا ٿي ڪري هرقسم جا غلط ڪم انسانيت سوز عمل ڪن ٿا ۽ کين ڪير ان جي سزا به نه ٿو ڏئي ڇاڪاڻ ته هنن کي بچائڻ وارا اسان جا حڪمران لڳا پيا آهن ان لاء اسان عام عوام کي گهرجي ته ڌاڙيلن ۽ قبائلي دهشتگردن جي حمايتي سياستدانن وڏيرن ڀوتارن کي پنهنجو قيمتي ووٽ بلڪل به نه ڏين ۽ اگر سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار سيڪيورٽي ادارا عوام سان سچا آهن ته سچائي جي ثبوت طور انهن ڌاڙيلن ۽ قبائلي دهشتگردن جي ساٿارين کي في الفور گرفتار ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين ته اهي ڌاڙيل ۽ قبائلي دهشتگرد جن جي حمايت ۽ ساٿ سان جيڪي قهري ڪاروايون ڪن ٿا اهي به هٿ اچي ويندا پوء کين سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان عام عوام سک سان زندگي گهاري سگهون ۽ اسان جي پوليس جا جوان ائين جديد هٿيارن سان ليس ڌاڙيلن جي هٿان شهيد ٿيڻ کان بچي سگهن ۽ اسانجي سنڌ وري هڪ دفعو امن جو گهوارو بڻجي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو