’سنڌ جي جاگرافيائي وحدت مضبوط وفاق جي ضمانت آهي‘

’سنڌ جي جاگرافيائي وحدت مضبوط وفاق جي ضمانت آهي‘

لنڊن(پ ر)سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس لنڊن ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ صدر روهت ڪمار، سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر علي رضا ميرجت، نائب صدر ادي عذرا وقاصي، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر قادر سرڪي، جوائنٽ سيڪريٽري محمد علي شيخ، اطلاعات سيڪريٽري مجيب ڀٽو، فنانس سيڪريٽري وسيم مهيسر ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر عطاءُالله وقاصي، ڊاڪٽر نظير ڏهر، ڊاڪٽر اشفاق قريشي، ڊاڪٽر طيب ميمڻ، سيد آفتاب شاهه، ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، ڊاڪٽر شعيب قاضي ۽ فريد شاهه شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وحدت، آئيني حقن ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ بابت موجوده صورتحال تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ان راءِ تي اتفاق ڪيو ويو ته سنڌ هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب، ٻولي، ثقافت ۽ گڏيل تاريخي سڃاڻپ رکندڙ ڌرتي آهي. سنڌ جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وحدت تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو.
سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جو واضح موقف آهي ته سنڌ جي حدن، جاگرافيائي وحدت، آئيني حيثيت يا صوبائي خودمختياريءَ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قبول نٿو ڪري سگهجي. اسين سمجهون ٿا ته اهڙو ڪو به قدم وفاقي هم آهنگي ۽ بين الصوبائي اعتماد لاءِ نقصانڪار هوندو.
سنڌ جي وحدت ۽ آئيني حقن جو تحفظ مضبوط وفاق جي ضمانت آهي. مضبوط وفاق صرف مضبوط ۽ بااختيار صوبن سان ئي ممڪن آهي.
سنڌ جي پاڻيءَ جو حق
سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ سنڌ جي پاڻيءَ جي آئيني، قانوني ۽ جائز حقن جي مڪمل تحفظ جو مطالبو ڪري ٿي. پاڻيءَ جي ورڇ 1991ع جيپاڻي ٺاهه، آئين ۽ بين الصوبائي اتفاقِ راءِ مطابق ٿيڻ گهرجي.
سنڌ جي ڊيلٽا کي تباهي کان بچائڻ لاءِ گهربل مقدار ۾ پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ کي يقيني بڻايو وڃي جيئن قدرتي ڊيلٽا کيتباهي کان بچائ سگهجي. ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ جي ڊوميسائيل وارو مقرر ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ جو واضح حڪم موجود آهي جنهن تي فوري عمل ڪيو وڃي.
سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ مطالبو ڪري ٿي ته CCI يعني گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 28 اپريل 2025 واري فيصلي جو مڪمل احترام ڪيو وڃي ۽ صوبن جي باهمي اتفاق کان سواءِ ڪو به نئون ڪينال يا اهڙو آبي منصوبو اڳتي نه وڌايو وڃي، جيڪو سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن کي متاثر ڪري.
جلالپور ڪينال سميت ڪنهن به تڪراري آبي منصوبي بابت سنڌ جا آئيني خدشا حل ٿيڻ ۽ CCI جو عمل مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪو به اهڙو قدم نه کنيو وڃي، جيڪو سنڌ جي پاڻيءَ، زراعت، ڊيلٽا يا ماحوليات کي وڌيڪ نقصان پهچائي.
سنڌ جي وحدت اسان جي تاريخي سڃاڻپ آهي، ۽ سنڌو درياهه جو پاڻي سنڌ جو آئيني حق آهي. ٻنهي جو تحفظ اسان جو گڏيل فرض آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو