ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ مڪاني کاتي هيٺ ڪم ڪندڙ ٽائون ملازمن احتجاج ڪندي چيو آهي ته سندن پگهارون آن لائن ڪيون وڃن. جڏهن سنڌ جي ٻين سڀني کاتن جي ملازمن جي پگهار آن لائن آهي ته صرف ٽائون ملازمن جي پگهار مينوئل ڇو آهي؟. ***ميرپور ماٿيلو مان ظھير وسير موجب ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهيون، ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پگهارون ٽريزري آفيس مان آن لائن ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان حوالي سان ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاج ڪيو ويو.

جنهن جي اڳواڻي مير حسن ميراڻي، اعجاز ڪولاچي، فرمان ڪورائي ۽ ٻين چيو ته اسان پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سرانجام ڏئي رهيا آهيون، پر اسان کي هن مهل تائين پگهارون ناهن ملي سگهيون جنهن سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پر افسوس جو اسان جي ڪير ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي.***مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب شاهه لطيف لوڪل گورنيمٽ ايمپلائز يونين جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاء ٽائون ڪميٽي مانجهند جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن جاني ڇڇر منصور برهماڻي اعجاز ميمڻ منظور ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملازمن جون پگهارون آن لائن ڪري رهيل پندرهن مهينن جون رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن.

جڏهن ته ٽامون ڪميٽي جي او زي ٽي شيئر وڌائي ڪٽوتي کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ لوڪل گورنيمنٽ کاتي جي صوبائي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو*** ٽنڊوباگو مان ڄام سھيل سمون موجب ملازمن پاران آن لائن پگهارون ڪرڻ لاءِ ٽائون ڪميٽي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي ته ملازمن جي اڳواڻن چيو ته سڀني سرڪاري کاتن جا پگھار ٽريزري ذريعي آن لائن ٿين ٿا صرف لوڪل گورنمينٽ کاتي جي ملازمن جا پگهار ٽريزري مان نٿا ٿين، ٽريزري ذريعي پگهارون نه ٿيون ته سڄي سنڌ ۾احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا سين، ايمپلائيز يونين اڳواڻ سخاوت بلوچ، عنايت انڙ ۽ منظور سمون جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهري کي خطاب۔ ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي ملازم قاسم لغاري پاران کيس پگهار نه ملڻ تي ٽائون آفيسر ٽنڊوباگو خلاف پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.










