سنڌ جو عظيم ڏاهو اڳواڻ، رسول بخش پليجو

اشـــفاق سُـــومـــــرو
ساري دنيا وانگي سنڌ بہ پنھنجي ھنج مان ڪيترن ئي سائنسدانن، فيلسوفن، اديبن، شاعرن، مقررن ۽ رھبري ڪندڙ عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي. اڄ برصغير جي عظيم دانشور، اديب، نامياري مقرر، ترجمي نگار، تاريخدان، نامياري وڪيل ۽ مدبر سياستدان رسول بخش پليجي جي پنجين ورسي ملهائي پئي وڃي. رسول بخش پليجو ھڪ سنڌ پرست سياستدان، ادبي مطالعي جو عالم ۽ سنڌ ۾ وڏيرڪي جاگيرداري سوچ، ھِٺ ڌَرمي ريتن رُسمن ۽ من گھڙَت قانونن خلاف ھڪ باغي رُوح ھو. ضلعي ٺٽي جي سرزمين تي ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ع تي مڊل ڪلاس گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ ھن ٻالڪ اڳتي هلي پنھنجي ذِھني شمع سان علم، ادب، تاريخ ۽ ڏاھپ جي دنيا ۾ روشني پکيڙي پنھنجي ذِھانت ۽ عُقلمندي سان ليڪچر ڏئي تقريرون ڪري تاريخ ۽ ادب جي شوقينن کي پنھنجو شاگرد ڪري مطالعي جو ھڪ دؤر شروع ڪيو. پرائمري ۽ ٺٽي جي اسڪول کان پوءِ سنڌ مدرسةّ السلام ۾ قانون جي پڙھائي تائين سياست ۽ سماجيات سان چاھ رکندي زندگيءَ جي ڳنڀِيرتا ۽ ڌرتي جي ڏُکن دردن کي سمجھندي ھڪ ضَميرمند وڪيل، اڳواڻ، سياستدان جو رُتبو ماڻي سنڌ کي جھالت، تعليمي ۽ صحت جي مسئلن سان گڏ ڌرتي کي اونداھي دؤر مان ڪڍي خوشحاليءَ، امن ۽ ترقي يافتہ دؤر ۾ آڻڻ جو پَڪو وچن ڪيو.
پاڻ ون يونٽ خلاف تحريڪن ۾ مُتحرڪ ڪردار ادا ڪري ايوب خان ۽ جنرل ضِياءَ جي آمريتي دؤرن ۾جمھوريت جو پَرچم بلند ڪيو، رسول بخش پليجي سنڌي ھئڻ جي ناتي سنڌ جي پاڻي جي ڪيس سان گڏ سنڌ جي مُڙني مسئلن ڌاري آبادڪاري، وسيلن جي ڦُرلٽ، روزگارن جي اڻھوند، بُک، جھالت ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف پھرين صَفِ ۾ بيھي جھدوجھد ڪئي.
مختلف وقتن تي سنڌي اديبن، شاعرن ۽ اڳواڻن مٿان رجعت پسندن، ادب دشمنن ۽ اسلام جي پاڇِـي ھيٺ بدسُـلوڪ مُلن واويلا ڪندي ڪڏھن شيخ اياز جي شاعريءَ تي ۽ ڪڏھن سائين جي ايم سيد جي ڪتابن «پيغام لطيف» ۽ «جيئن ڏٺو آ مون» تي سخت تنقيدون ڪري ڪُفر جون فتوائون ڏنيون تہ ان وقت ٻين اديبن سان گڏ پليجي صاحب انھن کي جواب ڏيندي ڪيترائي مضمون لکي آواز بُلند ڪري مُليت کي چُپ ڪرائي چڏيو.
انھن ذاتي مفادن، مسئلن، مذھبي متڀيد يا اسلام ۾ ڪفر ۽ مؤمن ٿيڻ واري فلسفي تان وڙھندي ۷۳ سالن کان سنڌ اُونداھيءَ دؤر ۾ لوڙھيندي اچي، ھر سماج ۾ ھر انسان جو پنھنجو سوچ مطابق نظريو ھوندو آھي. مسلمانن ۾ ڪيترائي فلاسافي ۽ سائنسدان جابر بن حيان، المسعودي، عمر خيام ۽ الجزاري جھڙا انسان اڄ بہ تاريخ ۾ صرف پنھنجي ڪرادر جي ڪري زندھ آھن ڇو تہ تاريخ تنقيد ۽ حسد کي نه پر ڪردار ۽ جھدوجھد کي لکي ٿي. عظيم انقلابي ليڊر چي گَويرا، فيڊل ڪاستُرو ، ڪامريڊ لِينن، ڪارل مارڪس، ھوچي منھ، ۽ گانڌي جيءُ جھڙا اڳواڻ صرف پنھنجي سوچ جي ڪري قـومن جا رھـبر بڻيا. ڪجھ بھتر ڪرڻ چاھيو ٿا تہ پاڻ کي ماضيءَ جون سڀ غلطيون وساري قوم کي مستقبل روشن ڏيڻ لاءِ ذاتي تنقيد ۽ پارٽي فـرقن کان آجو ٿي جھدوجھد ڪرڻي پوندي. رسول بخش پليجي ڪڏھن بہ ڪنھن سان ذاتي مفادن وارا اختلاف نه رکيا، اڄ اسان جي جيئي سنڌ وارن دوستن کي اِھا ڳالھ سمجھ ۾ نہ ٿي اچي ته پليجي ۽ سائين جي ايم سيد جو اختلاف نظرياتي ۽ فڪر جي ڪري ھو ۽ سياسي اختلاف ھر جاءِ تي ھوندا آھن انھن کي ذاتي نوعيت تي نه آندو وڃي. پليجي صاحب جي جھدوجھد مسلسل سنڌ جي جُمھوريت ۽ حقن جي باري ۾ ھئي ھو صرف سائين جي آزاديءَ واري نِقطعي تي اختلاف رکندو هو. جيڪڏھن حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي تہ سائين جي ايم سيد جي فِـڪر ۾ آزاديءَ سان گڏ سيڪيولرزم، عدم تشدد، خودمختياري، تعليمي ۽ سنڌ جي ترقيءَ وارا نظام بہ شامل آھن. سائين جي ايم سيد ھڪ سـوشُلسٽ ليڊر هو ، سائين جو پھريون قدم قُـوم جي بھتري، خوشـحاليءَ ۽ تـرقي يافتہ نظام ھئا. اھڙي طرح رسول بخش پليجي بہ پنھنجي زندگيءَ جي نظريي ۽ فِڪر کي سنڌ جي بھتري، خوشحاليءَ ۽ قومي سڌارن لاءِ وُقـف ڪري ڇڏي، قانون جي قھري ۽ مارشلا جي دؤرن ۾ حق گھرڻ منع ھو انھن دؤرن ۾ ھن انسان تحريڪون ھلائي جھدوجھد ڪئي وقت جي آمرن جي خاتمي لاءِ، پليجي صاحب جي محنت سان عام ڳوٺاڻن مطالعي کي پنھنجو زيور بڻائي حياتي جي ڳِچيء ۾ پاتو. اسان کي قومي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وقت جا سڀ ويڇا وساري ھڪ ٿيڻو پوندو. رسول بخش پليجو ھڪ تحريڪ جي سربراھ سان گڏ ھزارين دلين جو روحاني استاد ھو. ھن پنھنجي ساري حياتيءَ لطيف سائين جي فڪري مطالعي، جذبي ۽ واٽ تي ھلندي گذاري ھئي. ھن دنيا جي عظيم انقلابين جي نظريي کي ڏسي سوچي سمجهي قبول ڪيو. رسول بخش پليجي سدائين جاگيردارن، وڏيراشاھي، سرمائيداري خلاف احتجاجي جُلوس ۽ ڌرڻا ھڻي پنھجي قوم جي محروم حقن جي حاصلات لاءِ ھڪ مُـڪمل تحريڪ ۽ شاندار جھدوجھد ڪئي. ھن سنڌ جي جھرجھنگ ۾ پنھنجي شعوري چڻُنگ ٻاري مارڪسزم، لينن ازم جھڙا نظريا ۽ اُصول متعارف ڪرايا.
فڪرِ پليجي سان ساري سنڌ ۾ نوجوانن جي ادبي، اخلاقي، فڪري، سماجي ۽ شعوري تربيت ڪئي ھئي نتيجي ۾ سنڌ جا ڪولھي ۽ ڀيل ڌراوڙ قانون جي ڊگرين جا محافظ بڻيا. ھن ليڊر پنھنجي گھري مطالعي ۽ رھبري اڳواڻي جي ڪري مختلف وقتن تي جيل جي اذيت خانن ۾ درد ڏک سور تڪليفون ۽ مُشڪلاتون سُھندو رھيو. ھن ليکڪ ۽ مقرر ڪيترائي ئي ڪتاب سنڌي ادب جي جھول ۾ وجھي حسد ساڙ کي رد ڪري محنت، تعليم ۽ نظريي تي خوب لکيو ھو، ان جي ڪتابن ۾ سنڌ جي ماروئڙن جون دانهُون ڪوڪُون سڀ سامراجيت کان پنھنجا حق گھرنديون رھن ٿيون.
ھن عظيم انسان پنھنجي فڪر ۽ جھدوجھد جي شروعات ۵ مارچ ۱۹۷۰ع تي الڳ سنڌ عوامي تحريڪ جي نالي سان تنظيم ٺاھي ڪئي انھيءَ سان گڏ سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ جھڙيون تنظيمون ٺاھي سنڌي قوم ۾ شعور پيدا ڪيو.
رسول بخش پليجي جھدوجھد ڪندي سنڌ جي پاڻي جي چوري خلاف، ڪالاباغ ڊيم خلاف، ٿل ڪئنال خلاف، ڌارين آبادڪاري خلاف ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ چپايون جي حمايت ۾ انقلابي ڪم ڪيا.
کُل نفسٍ ذِائقةٍ مُوت واري سچي قُول جي روايت ھلندي ھي لطيف شناس، سياسي سماجي ۽ فڪري شعور ڦُھلائيندڙ اڻٿڪ انسان ۸۸ سالن جي عمر ۾ ۷ جون ۲۰۱۸ع تي موڪلائي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو