خيرپور (سجاد)روٽري انٽرنيشنل ڪلب پاران قلندر بولان ريجن جي شاندارتقريب سچل آڊيٽوريم هال خيرپور ۾ ٿي گذري ، تقريب جو خاص مهمان سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊسٽرڪٽ گورنر ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ عبدالله هو،تقريب ۾ سنڌ بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينئر روٽرين گورنر سيد تهذيب ڪاظمي، روٽرين گورنر خيرپور انجنيئر عبدالجبار شيخ ،مرزا عباس ، ملڪ آفتاب اسسٽنٽ گورنر رضوان احمد ٻرڙو سميت سنڌ بلوچستان جي 43 کان وڌيڪ روٽري تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، تقريب ۾ سنڌ بلوچستان جي روٽري تنظيمن جي ڊسٽرڪٽ گورنرن پنهنجي پنهنجي ٽيم جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي ، ان موقعي تي ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ ،انجنيئر عبدالجبار شيخ ۽ ٻين اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي 270 کان وڌيڪ مختلف ملڪن ۾ روٽري تنظيم مضبوط ۽ منظم طريقي سان ڪم ڪري رهي آھي روٽرين جو مقصد ڏکويل ماڻھن ،غريب مسڪين بي سهارن جي عملي خدمت ڪرڻ آھي هنن چيو ته سنڌ بلوچستان ۾ روٽري تنظيمن جون ڪيل خدمتون تعريف جي قابل آھن بي لوث ڪيل خدمتن عيوض مڃتا ملڻ تي روٽري جي رضاڪارن جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿيندا ۽ رضاڪارن ۾ عوام جي خدمت جي جزبي ۾ اضافو ٿيندو ، تقريب ۾ بهتر ڪارڪردگي ڪندڙ روٽرين کي ايوارڊ ڏنا ويا ، روٽري انٽرنيشنل قلندر بولان تقريب ۾ تفريح لاءِ ميوزيڪل نائيٽ جو بندوبست ڪيو ويو هو، ميوزيڪل نائيٽ ۾ ٿر جي مشهور فنڪاره مارول گروپ سميت سنڌ جي سريلن فنڪارن سر وکيري ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو ، تقريب ۾ بلوچستان کان آيل روٽرين جو وفد موئن جي دڙي سميت سنڌ جا تاريخي ماڳن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي روٽري ڪلب ڪراچي آف گيٽ وي جو صدر فاروق دادي ،خيرپور جو سينئر روٽرين شجاعت صديقي، صحافي شاهدنواز سيال، مزمل زيدي، سيف الله ڦلپوٽو، فياض شيخ،ياسر نواز سيال، فهيم ميتلو ۽ ٻيا موجود هئا،










