سيڪريٽري  اسيمبلي فاروق ٻرڙو ۽ ٻين خلاف درخواست تي نوٽيس

سيڪريٽري اسيمبلي فاروق ٻرڙو ۽ ٻين خلاف درخواست تي نوٽيس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري ۽ ٻين خلاف آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي.محمد خان رند پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست نمبر 2026/4878 داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر، سيڪريٽري غلام محمد عمر فاروق ٻرڙو ۽ سينيئر اسپيشل سيڪريٽري حسن شاهه کي ڌر بڻايو ويو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت ڌرين کي 8 سيپٽمبر 2026ع تي صبح 8:15 وڳي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.ڌرين کي درخواست خلاف پنهنجا سبب بيان ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته غير حاضري جي صورت ۾ ڪيس جو هڪ طرفو فيصلو به ٿي سگهي ٿو.محمد خان رند پاران درخواست آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 199 تحت داخل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو