ڪراچي/ شڪارپور (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غلط انگن اکرن جي آڌار تي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي آبادي گهٽ ڏيکارڻ هرگز قبول ناهي، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران 2017ع جي آدم ڳڻپ تي اعتراض جڏهن ته ڊجيٽل مردم شماري کي تسليم ڪرڻ سنڌ جي حقن تي سوديبازي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، پيپلزپارٽي پاران سنڌ جي ٻيٽن، ٻٽي مڪاني نظام کان ويندي سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ جهڙن مامرن تي طاقتور قوتن سان اقتدار جي خاطر ڪيل سوديبازي جا نتيجا عوام ڀوڳي رهي آهي، ملڪ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، قومي دولت جي ڦُرلُٽ ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي ڪندڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پي ڊي ايم 2 جي صورت ۾ عوام مٿان مسلط ڪيو ويو، مخصوص نشستن جي باري ۾ عدالتي فيصلي ڌانڌلي وارن چونڊن جي ماسٽر مائنڊ کي بينقاب ڪري ڇڏيو آهي، “ الخدمت بنو قابل” پروگرام نوجوان نسل جي روشن مستقبل لاءِ اُميد ثابت ٿيندو، نوجوان اسان جو قيمتي سرمايو آهن انهن جي تعليم ۽ تربيت اسان جي ذميواري آهي، پبلڪ ايڊ ڪميٽين ذريعي عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي. 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ مهانگي بجلي، ظالماڻين ٽيڪسن خلاف حافظ نعيم الرحمن جي اڳواڻي ۾ تاريخي ڌرڻو ظلم ۽ ناانصافي جي ماريل عوام لاءِ اُميد جو ڪرڻو ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فرقانيه هال شڪارپور ۾ رٿيل ضلعي شورى جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ضلعي امير عبدالسميع شمس ڀٽي اسلام آباد ڌرڻي سميت دعوتي ۽ تنظيمي مارمن جي حوالي سان صوبائي امير کي آگاهي ڏني. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بي امني، ڀُنگ لاءِ اغوا سميت ڦُرلُٽ جي وارڌاتن ۾ مسلسل اضافو حڪومتي ناڪامي ۽ سنڌ دشمني آهي، ڏينهن هجي يا رات هتي ڪير به محفوظ ڪونهي، ڳري بجيٽ ۽ رينجرز توڙي پوليس جي لکن جي نفري باوجود سنڌ حڪومت چند سئو ڌاڙيلن کي ختم نه ڪرڻ سنڌ حڪومت جي مڪمل ناڪامي جو ثبوت آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي صورتحال سڄي دنيا ۾ بدنامي جو باعث ۽ پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن جي آپريشن جي نالي تي ڪمائي جو ذريعو بڻجي چڪي. پيپلزپارٽي جي گذريل دور حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ نگران حڪومت آپريشن جي نالي تي قومي خزاني مان اربين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، پر ان جو نتيجو به صفر نڪتو ان ڪري ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن بدران سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف فوجي آپريشن ڪري ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ۽ سنڌ ۾ امن امان قائم ڪيو وڃي.










