گل محمد منگي
ڪراچيء ۾ جتي ڪو پروگرام ٿيندو آھي اتي رولاڪ جو پھچڻ لازمي ٿيو پوي ورنه پروگرام جو ڪھڙو مزو؟ـ نه صرف ايترو پر اھو لطيف راولاڻي ئي آھي جيڪو اٿي بيھي نشاندھي ھن انداز سان ڪندو آھي ته “سائين پروگرام ۾ جڏھن ستر کان اسي سيڪڙو سنگت سنڌي ڳالھائيندڙن جي آھي ۽ باقي دوست به سنڌي سمجھن ٿا ته پوء ڪارروائي به سنڌي ۾ ھلايو ۽ سنڌي ماڻھون تقريرون به سنڌي ۾ ڪن”ـ شايد اھو اھو ئي ڪم آھي جيڪو لطيف سائين ڪري ويو آھي ۽ اڄ پاڻ وارو ھي سنگتي لطيف راولاڻي ان کي جاري رکيو پيو اچي ـ چوندا آھن ته نالي جو اثر به انسان جي شخصيت تي ٿورو گھڻو پوي ٿو ـ ٻين جي خبر ته نه آھي باقي لطيف سان جيترو ويجھو تعلق واسطو رھيو آھي ان مان مون کي اھو محسوس ٿيندو آھي ته ھن دوست تي جيڪڏھن ڪنھن جو اثر واقع آھي ته اھو “شاھ لطيف آھي”ـ
ھاڻي اچون ٿا خاصخيلي لطيف راولاڻي جي ڪتاب تي”ـ لطيف راولاڻي پنھنجي ڪتاب جي مضمونن جي ترتيب به تمام سھڻي نموني ڪئي آھي ۽ وڏي ڳالھ ته مون سميت ڪنھن کي به پتو نه پيو ته لطيف ڪو ڪتاب لکي ڇپائي رھيو آھي ـ خبر تڏھن پئي جڏھن اوچتو ئي اوچتو اچي ڪتاب ڏنائين ۽ چيائين ته سائين منھنجو ھي ڪتاب وٺو جيڪو اڄ ئي شايع ٿيو آھي ته مان حيران ٿي ويس ـ خير ڪتاب جي پھريون مضمون سنڌي رسم الخط جو تحقيقي جائزو آھي جيڪو ڊاڪٽر ٿلھو جو آھي, جنھن مان سنڌي ٻولي سان سندس چاھ ۽ پيار جو اندازو ڪري سگھجي ٿوـ ھن مضمون ۾ لطيف لکي ٿو ته “اھي قومون زنده رھنديون آھن جن جي ٻولي ۽ ادب زنده رھندا آھن ۽ جن جي ٻولي ۽ ادب زنده نه رھندو آھي اھي خودبخود ميسارجي وينديون آھن ـ کيس شڪايت آھي ته پڙھڻ جو رجحان گھٽجي رھيو آھي پر پوء به ھن خشڪ موضوع تي ڪتاب لکجي رھيا آھن ـ ڊاڪٽر منصور ٿلھي جا ان موضوع تي اڳ ۾ ئي ٽي ڪتاب لکيل آھن ـ سندس ٻيو مضمون شاھنواز مھيسر جو ڪتاب “چين جي ياترا” آھي ـ جنھن ۾ لکي ٿو ته ھن سفرنامي کي پڙھندڙ اھو محسوس ڪندو ته ڄڻڪه ھو ليکڪ سان گڏ پاڻ به چين گھمي رھيو آھي ـ ھن مضمون ۾ لطيف لکي ٿو ته يوسف سنڌي جا ٻه چين ۾ شادي ڪري اتي ئي رھن پيا ۽ يوسف سنڌي پاڻ به “يوسف چيني” ٿي ويو آھي ـ اھا سنڌي ماڻھن جي ھڪ انسان دوستي واري خصلت آھي ته ھو جتي به مستقل رھي ٿو اتان جو ٿي ويندو آھي ـ ان ميسيج ڏيڻ جو مقصد ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿي اگھي ٿو ته سنڌ ۾ جيڪي دوست ڏھاڪن کان رھن ٿا انھن کي به گھرجي ته پاڻ کي ھن ڌرتيء سان سلھاڙين ـ
ھن ڪتاب ۾ امرتا ڏاھري جي شعري مجموعي “اوسيئڙي جا گل”, سڪندر پريتم قاضيء جو”سفر عظيم رھنماء حج”, ولي محمد روشن جو ڪھاڻي ڪتاب “غيرت جي پيڙا”, زبيده پرواڻي جي ناول “آراڌني”, رياض شاھد دايو جي ڪتاب “ترقي پسند ادبي تحريڪ جو جائزو”, تي تبصرو به شامل آھي ـ ھن پنھنجو حق ادا ڪندي لکيو آھي ته ترقي پسند تحريڪ سنڌ ۾ ١٧١٨ء پيدا ٿيل فڪر ڪميون جي ڪڏھن به پذيرائي نه ڪئي آھي ته سنڌ ۾ صوفي شاھ عنايت انقلابي ذھن رکندڙ ھوـ ان سامراج ۽ سماجي اڻبرابري خلاف ھڪ نظريو ۽ فلسفو ڏنو جنھن کي وقت جي حڪمرانن دٻائي ڇڏيو ۽ ان نظرئي جي خالق کي شھيد ڪري ڇڏيوـ ان واقعي جي ٧٢ سالن بعد پيرس ڪميون آيو (پيرس ڪميون ١٨٧١ ۾ آيو جڏھن ته جھوڪ ڪميون ١٧١٨ ۾ آيو انڪري سنڌ ۾ ڪميون ١۵٣ ورھيه اڳ آيو جيڪو اٺ سال ھليوـ جڏھن ته پيرس ڪميون رڳو ٧٢ ڏينھن مشڪل سان ھلي سگھيو) ـ وڌيڪ لکي ٿو ته ان مان ظاھر آھي ته پھرين شعوري فڪري سوچ سنڌ ۾ آئي جنھن کي اردو جي اديبن دانشورن ۽ مارڪسي نظرئي جي پوئلڳن عام عوام آڏو نه آندوـ منھنجو خيال آھي ته اھا ذميوارن ترقي پسند سنڌي ليکڪن جي به آھي ـ ھو لکي ٿو ته صرف چند اديبن, ڏاھن کي جڏھن اھا خبر ملي ته ھنن جي پيرن کان زمين نڪري وئي ۽ اھي ان نظرئي ۽ فڪر تي لکڻ تي مجبور ٿياـ جن ۾ سبط حسن ۽ شاھ محمد مري بھتر تشريح ڪئي آھي ـ جڏھن ته منھنجي ڪتاب “انارڪزم” لاء به لکيو اٿس ته مون پڻ شاھ عنايت جي فڪر ۽ فلسفي جي تشريح ڪئي آھي ۽ تفصيل سان ان تحريڪ جي باري ۾ لکيو آھي ـ منھنجي خيال ۾ ته شاھ عنايت بابت نامور ڏاھي ڊاڪٽر شاھ محمد مري ٺيڪ لکيو آھي ته وڏا وڏا ليفٽ جا دانشور به “عنايت دشمن” رھيا آھن ـ عنايت دشمني ته جھوڪ ۾ به شايد ھجي جتي ھاڻي درگاھي سلسلو ھلي پيو ـ سچ ته اھو آھي ته ذري گھٽ اسان شاهه عنايت کي وساري ئي چڪا آھيون پر ھاڻي جڏھن شعور وڌندو ته يقينن عنايت دشمني جو به انت ايندو ۽ اھو وقت ويجھو آھي ـ
ان کانسواء رسول حمزاتوف جو ڪتاب منھنجو داغستان جنھن جو ترجمون ڪريمداد خشڪ ڪيو آھي, عبدالخالق زدران جو “ماضيء جون انقلابي شخصيتون”, شامل آھي جنھن جا وڏا ترڪمانستان جا آھن پر ھاڻي ھو ڪراچيء جو قديم سنڌي آھي ـ جڏھن ته دلبر بروھي جو ڪتاب تاريخ جو عڪس, طالب ڪڇي جو “ڪٿا ھڪ ماھيگير جي”, جنھن ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪرائڻ, گدلو بڻايل سامونڊي پٽي کي ان مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ, تمر جي وڻن جي ڪٽائي سميت گھڻو ڪجھ بيان ٿيل آھي ـ ايوب شان خاصخيلي جي ڪتاب “ماھيگير ۽ سوشل موومينٽ”, ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري جو ڪتاب “سماج ۽ سياست جو گرامر”, اوڀايو خشڪ جو “سنڌ پنجاب پاڻي مامرو”, آتش سنڌي جو “تتل سج جا پانڌي”, رسول ميمڻ جو “اک ڇنڀ جو اڀياس”, ڊاڪٽر منصور ٿلو جو “ڀنڀور مان مليل سنڌي لکتون ۽ ٻيا ڪتاب”, پروفيسر مشتاق مھر جو شعري مجموعو “چاھتن جي شمع جلائي ھوندي”, عبدالواحد سومرو جا ڪتاب “نوٽري پبلڪ جو تنقيدي اڀياس, گينگز آف ڪراچي ۽ اڌ چھرو”, ڊاڪٽر عبدالواحد انڍڙ جو ڪتاب “گھوٽڪي تاريخ ۽ ثقافت”, گل محمد منگي جو انارڪزم ـــ ھڪ عالمگير تحريڪ”, زينت ابڙو جو ڪتاب, محمد علي پٺاڻ جو “اميد جو ڪرڻو”, پروفيسر اعجاز قريشي جو “ڪراچي جي تاريخ جو تنقيدي اڀياس”, الھڏني ڪاڪا جو “ڏينھن مڙيئي ڏون”, ڊاڪٽر محمد اسحاق جمالي جو “سنڌي شاعري جو فن ۽ فڪر”, منظور مارفاڻي جو واره گزيٽيئر”, نصير ميمڻ جو “پاڪستان جي سياسي تاريخ”, عبدالحميد منگي جو “رڳو جنگ ڇو؟”, جنھن ۾ جنگ جي مخالفت واري سوچ جي حق ۾ دليلن سان ڳالھايو ويو آھي ۽ عبدالغفور کتري جو مايه ناز ڪتاب “کراچي کي کھاني, تاريخ کي زباني” شامل آھن










