سنڌي هيريٽيج ميوزم پاران هيوسٽن ۾ عيد ملن

سنڌي هيريٽيج ميوزم پاران هيوسٽن ۾ عيد ملن

هيوسٽن (پ ر) سنڌي هيريٽيج ميوزيم (ايس ايڇ ايم) پاران گرانڊ ڪميونٽي عيد ملن پارٽي مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي۔جنھن ۾ سنڌ جي مخلتف ضلعن سان تعلق رکندڙ امريڪي سنڌين سميت ٻين امريڪي شهرين به شرڪت ڪئي. ڪلام پاڪ جي تلاوت ۽ قومي تراني سان شروع ڪيل محفل ۾ سنڌي هيريٽيج ميوزيم جي ميمبر درخشان ميمڻ آجياڻو پيش ڪيو ۽ مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي اسد شيخ چيو ته هيوسٽن ۾ هن اداري جو قيام سنڌين جي پنهنجي ثقافت سان پيار جو ثبوت آهي. سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، هن فورم جو مقصد سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ آهي. جيئن دنيا جي ٻين ثقافتن وارن ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪرن آهي. پروگرام ۾ مقامي سياسي، سماجي اڳواڻن، ڪائونٽي ڪورٽس جي ججن ۽ پوليس سميت مختلف سرڪاري ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. جن جو تعارف ارسلان ملڪ پيش ڪيو. پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ مھمان خاص پاڪستاني قونصل جنرل هوسٽن آفتاب چوڌري، ڪائونٽي شيرف ايريڪ فيگن، ڪانسٽيبل نبيل شيخ، جج سونيارش، فورٽ بينڊي ڪائونٽي ٽيڪس ايڪسيسر ڪارمن ڪرنر، ڪائونٽي جج جولي ميٿيو، سنڌي ڪميونٽي اڳواڻ بزنسمين غلام محي الدين مورائي، مشھور پاڪستاني پينٽر محمد علي ڀٽي، سنڌ ايف ايم هيوسٽن مھراڻ رنگ جي اعجاز عالماڻي، سياسي اڳواڻ ممتاز چانگ، پاگ اڳواڻ سلمان رازاڪي، انڊس ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن امريڪا جي راحيل ميمڻ، ڪائونٽي جج سريندر پٽيل ۽ ٻيا شامل هئا. پاڪستاني قونصل جنرل آفتاب چوڌري ميوزيم جي بورڊ ميمبرن امير ارسلان، درخشان ميمڻ، اسد شيخ ۽ ڪاشف سومرو کي امريڪا ۾ پاڪستان جي ثقافت ۽ ميوزڪ کي پروموٽ ڪرڻ تي سندن ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جو دنيا ۾ مثبت اميج اجاگر ڪرڻ سڀي جو فرض آهي ۽ ملڪي ترقي لاءِ ڪوششن سان گڏ سڀني کي دعاڳو به هجڻ گهرجي. ان موقعي تي SHM پاران ٽيڪساس اسيمبليءَ مان پاس ڪيل سنڌي ثقافت بابت قرارداد جي ڪاپي پڻ پيش ڪئي وئي. ڪاشف سومرو ان موقعي تي آيل مهمانن جو شڪريو اداد ڪيو ۽ ايندڙ وقت م اهڙا ثقافتي پروگرام منعقد ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. مهمانن جي مان ۾ ڊنر کانپوءِ موسيقي جو پروگرام به پيش ڪيو ويو. جنھن ۾ سنڌ جي مشھور نوجوان سنگر بلال مهيسر پنھنجي سريلي آواز ۾ گيت ڳائي سڀني کي جهومائي ڇڏيو. محفل ۾ مشهور مصور ظفر ڪاظمي جون پينٽگس به نمائش لاءِ رکيون ويون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو