حيدرآباد(ن سنڌيار) پ پ سينيٽر سسئي پليجو سنڌ ي ثقافت واري ڏهاڙي جي حوالي سان چيو آهي ته سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي جي مبارڪ موقعي تي سنڌ ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي اڻ ڳڻيون واڌايون ۽ نيڪ تمنائون. سنڌ جي ثقافت جيڪا دنيا جي قديم ثقافتن مان هڪ شاهوڪار ثقافت آهي ۽ سهڻو پس منظر رکندڙ آهي، هن چيو ته سنڌ جون ريتون، رسمون، رهڻي ڪرڻي، هنر ۽ ڪرتو اڄ به دنيا لاءِ دلچسپي جو وڏو سبب آهن، موهن جي دڙي، آمري، ڇانؤ جي دڙي ۽ رني ڪوٽ ۽ ٻين هنڌن تان ملندڙ آثارن مان جيڪي جهلڪيون ثقافت جون مليون آهن.اهي هر لحاظ کان بيمثال آهن، سنڌو لکت هجي يا هتي اڏاوت رهڻي ڪرڻي جو طور طريقو صفائي سٿرائي به شاندار آهي ، قديم دور کان وٺي سنڌ جي ماڻهن جو صوفياڻو مزاج پنهنجي ڌرتي سان پيار، پنهنجي ويس وڳي سان محبت، هزارين سالن وٺي اڄ ڏينهن تائين موجود آهي.دنيا جون ڪيتريون ئي قديم ثقافتون ختم ٿي يا تبديل ٿي چڪيون آهن پر سنڌي ثقافت سنڌ ماڻهو بچائيندا اچن، جنهن تي اسان کي فخر آهي، سنڌ جو شاديون مراديون ان موقعي تي پايا ويندڙ ويس وڳا،ڳانا، گيت، سهرا،لوليون، اسان جي ثقافت جو حصو آهن، لوڪ ادب انهيءَ لحاظ سان شاهدين سان ڀريو پيو آهي، سنڌ جا ڪلاسيڪل شاعر به ثقافت جو حصو آهن، شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ٻين جي شاعري ۾ ملندڙ پيار محبت امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام اسان جي ثقافت جو امين آهي.هي ثقافت گهڻن رنگن ۾ مشتمل آهي،انهيءَ جا موضوع ۽ رخ گهڻا آهن، مسٽر اسٽيڪ، ڊاڪٽر ٽرمپ، سورلي جا جهڙا عالم به انهيءَ ثقافت ۾ نه رڳو رچي ويا پر دنيا ۾ ان جو رنگ چٽي ڏيکاريندا رهيا، سنڌي ثقافت جا رنگ ۽ نمونا ڊاڪٽر گهربخشاڻي، مرزا قليچ بيگ، علامه دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بلوچ، غلام علي الانا، قلندر شاھ لڪياري، علڻ فقير، زرينه بلوچ، مائي ڀاڳي ۽ ٻين به ثقافت جا رنگ دنيا ۾ متعارف ڪرايا جنهن تي سڄي دنيا حيرت ۽ دلچسپي جو اظهار ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته ثقافت واري ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي نه فقط گڏ پر پيار، محبتون ڀائيچاري جو مثال سڄي دنيا کي ڏين ٿا .هن سال ڪافي وقت کان ڪرونا جي وبا ملڪ ۾ ڦلهيل آهي، جنهن اسان جو ڪافي نقصان ڪيو آهي، تنهن ڪري آئون چونديس ته هي خوشين جو ڏهاڙو ضرور ملهايو پر ايس او پي جو خيال رکيو وڃي .










