سنڌو درياءَ مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

سنڌو درياءَ مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

نئون ديرو(رپورٽ شاد محمود ڀٽو) ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ٻرڙا پتڻ وٽان سنڌو درياءَ مان نوجوان جي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ شهر جي مراد ڪالوني جي رهواسي 23 ورهين جي عامر پٽ قربان ٻرڙو طور ڪئي وئي آهي. جيڪو اڳ نجي ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪندڙ هو. سندس کيسي مان ڪمپنيءَ جو ڪارڊ مليو جنهن مان سندس سڃاڻپ ٿي آهي. ان ڏس ۾ ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي ايس ايڇ او منٺار عمراڻي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم دوران ڄاڻ ملي آهي ته نوجوان کي تشدد بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. مقتول نوجوان جي سڃاڻپ بعد مقتول جا وارث پهتا جيڪي لاش کڻائڻ لاءِ ايڌي سينٽر لاڙڪاڻو روانا ٿي ويا آهن. واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيو. ٻئي طرف مقتول جي والد قربان ٻرڙو جو چوڻ هو ته منهنجو پٽ عامر مينهن جي واڙي تي مزدوري ڪندو هو جيڪو ڪاوڙجي گهران نڪري ويو جنهن جو اڄ لاش مليو آهي. پوليس ڪيس جي شفاف جاچ ڪري منهنجي پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو