’سنڌو ته ڇا پرڪنهن به درياهه تي ڪو ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين‘

’سنڌو ته ڇا پرڪنهن به درياهه تي ڪو ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين‘

ٺٽو(رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واضح اعلان ڪيو آهي اسين چولستان ۽ چوبارا سميت ڪو به ڪينال ڪڍڻ نه ڏينداسين ۽ سنڌ جي مفادن تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن ٺٽو ۽ سجاول ضلعي جي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي محسن هائوس تي خطاب ڪندي ڪيو.هن چيو ته اسان چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي عوامي رابطا مهم اوهانجي ضلعن کان شروع ڪئي آهي، سنڌو درياهه جي پڇڙي تي اوهان آهيون ۽ پاڻي جي کوٽ به هتي گهڻي آهي. ارسا چوي ٿي ته 27 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ٿو، جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوءِ ڊيلٽا ڇو تباهه ٿئي ها؟. هن چيو ته اسان هلندڙ مهيني سنڌ جي هر ضلعي ۾ وينداسين. هن چيو ته مان واضح ٿو ڪريان ته نه صرف سنڌو درياهه پر جهلم، چناب ۽ ستلج تي به ڪو ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين، هي سڀ درياهه اسانجا آهن. هن چيو ته اسانجا مخالف ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۽ پيپلز پارٽي کي بدنام ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪندي ڪينالز معاملي تي سياست ڪري رهيا آهن. ڪينال مخالف جلسن ۾ اسانجا مخالف 5 منٽ ڪينالز بابت ڳالهائي 25 منٽ پيپلز پارٽي خلاف تنقيد ٿا ڪن. اسين کين چئون ٿا اوهين ڀلي احتجاج ڪريو اسان به ڪينالز مخالف احتجاج ۾ گڏ آهيون.

Photo CM House

وڏي وزير چيو ته منهنجي وزيراعظم کي درخواست آهي ته سکر حيدرآباد موٽر وي ترجيحي بنياد تي مڪمل ڪريو، هي سنڌ جو نه پر قومي منصوبو آهي. وڏي وزير چيو ته “گذريل سال ڪا به نئين اسڪيم شروع نه ڪئي وئي هئي، پر ھن سال نيون اسڪيمون ڏئي رهيا آهيون.” “هر ضلعي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 5 ارب رپين جون اسڪيمون ڏنيون وينديون.” اسان ڪميٽيون ٺاھينداسين جيڪي اسڪيمن لاءِ تجويزون وٺنديو.، هڪ ڪميٽي سڌيءَ ريت ڪارڪنن کان ننڍيون اسڪيمون وٺندي.ٻيون ڪميٽيون تعلقه ۽ ضلعي سطح تي اسڪيمون گڏ ڪنديون. اسين ڪارڪنن جي تجويزن تي هڪ ارب رپين جون اسڪيمون ڏينداسين ، ڊپٽي ڪمشنر اسڪيمون ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندا. ٺٽو ۽ سجاول کي 15 ڏينهن ڏنا ويا آهن ته پنهنجون اسڪيمون ڏين. سنڌ جي عوام هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ڪوسٽل هاءِ ويءَ تي ڪم جاري آهي. ٺٽو ۾ مان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڪاليج جي ڪيمپس جو افتتاح ڪيو هو، ۽ هاڻ ڪلاس شروع آهن. مراد علي شاهه جلسي ۾ پاڻ به نعرا هڻايا ته ڪينال سمورا نامنظور. هن چيو ته گرين پاڪستان انيشييٽو هيٺ ڪيترائي منصوبا آهن، جن ۾ ڊرپ ايرگيشن، لائننگ، پاڻي کي صاف ڪرڻ ۽ بچائڻ جا طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن. هن وضاحت ڪئي ته جڏهن صدر آصف علي زرداري کي ڏنل بريفنگ ۾ هنن 6 ڪينالز ۽ وڌيڪ زمين ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته صدر کين چيو ته اوهان صوبن سان ڳالهايو، صدر کي ڪا اسڪيم منظور يا رد ڪرڻ جو ته اختيار ئي ناهي. صدر مونکان پڇا ڪئي ته کيس ٻڌايم ته سنڌ ڪينالز جي مخالفت ڪئي آهي. جنهن بعد صدر پاڻ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چيو ته هو تڪراري ڪينالز جي حمايت نٿو ڪري سگهي. مراد علي شاهه چيو ته ان دوران ’سي ڊي ڊبليو پي‘ جو اجلاس ٿيو، جتي سياستدان موجود نه هوندا آهن، اتي اسان جو پلاننگ سيڪريٽري ويو ۽ سخت مخالفت ڪئي، پر انهن زبردستي منظوري وٺي ڇڏي. جنهن بعد ايڪنڪ اجلاس سڏائڻ لاءِ مون ڊپٽي وزيراعظم کي خط لکيو ۽ چيو ته اهو منصوبو اڳتي نه وڌايو. “اسان ’سي سي آءِ‘ ۾ ان منصوبي کي چئلينج ڪيو آهي.” “ڊپٽي وزيراعظم منهنجي ڳالهه مڃي.” “نومبر ۾ جڏهن ايڪنڪ جو اجلاس ٿيو ته اهو ايجنڊا تي آيو، پر ڊپٽي وزيراعظم چيو ته سنڌ جو اعتراض آهي، ان ڪري ان کي خارج ڪيو ويو.” هن چيو ته سي سي آءِ بابت هي چون ٿا ته پنجاب اڪثريت ۾ آهي، مان چيلينج ٿو ڪريان ته هي رٿا منظور ٿيڻ نه ڏينداسين، مان اڪيلو ئي هنن لاءِ ڪافي آهيان، مان ثبوتن ۽ دليلن سان ڪيس پيش ڪندس. وڏي وزير ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ٺهندڙ نون روڊن، واٽر ڪويسز کي پڪو ڪرڻ سميت مختلف ترقياتي رٿائن جو ذڪر به ڪيو. وڏي وزير اهو به واضح ڪيو ته جيڪو به منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث هوندو ، ان کي معاف نه ڪنداسين. ان کان اڳ ٿيل اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، صوبائي وزير علي حسن زرداري، ريا ض شاهه شيرازي، محمد علي ملڪاني، شفقت شاهه شيرازي، ايم اين اي صادق ميمڻ، اعجاز ڌامراهه، شاهه حسين شاهه، ارباب وزير ميمڻ ۽ ٻين چونڊيل نمائندن، پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ سنڌ کان ٺٽو کان سجاول ڊبل ڪيريج وي جي تعمير لاءِ درخواست ڪئي. هن ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ فوري اپاءَ وٺڻ تي به زور ڏنو. اجلاس ۾ سنڌو درياءَ تي نون ڪئنالن جي تعمير جي سخت مخالفت ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو