screen shot

سني ديول پاڪستان کان ملندڙ محبت جا گيت ڳائڻ لڳو

دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪرتارپور راهداري جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ڀارتي اداڪار سني ديول به پاڪستان کان ملندڙ محبت جا گيت ڳائڻ لڳو آهي. سک مذهب جي باني بابا گرونانڪ جي 550هين جنم ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم عمران 9 نومبر تي ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪيو هو ان موقعي تي ڀارت کان ايندڙ مهمانن ۾ سني ديول به شامل هيو. ميڊيا رپورٽس مطابق پاڪستان کان واپسي تي سني ديول ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اها هڪ وڏي تقريب هئي جتي مون کي تمام گهڻو پيار مليو. هن وڌيڪ چيو ته هي امن جي شروعات آهي مون کي اميد آهي ته سڀ معاملا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. ڀارتي اداڪار جو چوڻ هو ته پاڪستاني ماڻهن تمام گهڻي محبت جو اظهار ڪيو مون کي اميد آهي ته اهڙي طرح سڀ ڪجهه جاري رکيو وڃي وڙهڻ مان ڪوبه فائدو ناهي صرف پيار هجڻ گهرجي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل سال 28 نومبر تي ڪرتارپور راهداري جو سنگ بنياد رکيو هو جنهن ۾ ڪانگريس اڳواڻ ۽ اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو ۽ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه به شرڪت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو