سني ديول خلاف فراڊ ۽ رشوت وٺڻ جو ڪيس داخل

سني ديول خلاف فراڊ ۽ رشوت وٺڻ جو ڪيس داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ انڊسٽري جي مشهور اداڪار سني ديول خلاف ڌاڙن، ڀوتارن ۽ فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا ”بالي ووڊ هنگاما“ جي رپورٽ موجب ڀارتي پروڊيوسر سورو گپتا ۽ سنيل درشن جي شڪايت تي سني ديول خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پروڊيوسر سورو گپتا ۽ سنيل درشن پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ اداڪار سني ديول خلاف ٺڳي، جعلسازي ۽ فراڊ جو الزام آهي.ٻئي طرف فلمساز سورو گپتا اداڪار سني ديول تي الزام مڙهيو آهي ته اداڪار 2016 ۾ ساڻس 4 ڪروڙ رپيا معاوضو وٺي فلم سائن ڪئي هئي پر فلم جي شوٽنگ اڃا شروع نه ٿي آهي.پريس ڪانفرنس دوران پروڊيوسر انڪشاف ڪيو ته هن فلم جي پروجيڪٽ لاءِ ڪروڙين رپيا سني ديول جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا پر فلم اڃا شروع نه ٿي آهي.سورو گپتا موجب اڃا فلم جي شوٽنگ شروع نه ٿي آهي پر اداڪار سني ديول کانئس وڌيڪ پئسن جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر غدر 2 جي ڪاميابي کانپوءِ سني ديول جو ساڻس رابطو ختم ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو