سنـڌ جو سپوت شھيد بشير خان قريشي

سنـڌ جو سپوت شھيد بشير خان قريشي

دادا ياسين نـوناري
سنڌ جي عـظيم ڌرتيءَ جنھن کي تھذيبـن جي ماءُ چيو وڃي ٿو. جنھن ننڍي کنڊ جي گھڻ رخـي، تاريـخ ساز شخـصن سان گڏ عظيم شاعر، مُـفڪر، مـقرر، سياستدان، سائنـسدان، اديـب ۽ قـوم پرست اڳـواڻ پيدا ڪيا آهن. جن سنـڌ جي تاريخي حيثيت ۽ قُـدرن جي قيمت تي پـورو لھندي پنھنجي قـوم ۽ وطن جي لاءِ ھر دؤر ۾ جھدوجھد ڪئي آھي انھن مان شھيد بشير خان قريشي بہ ھڪ ھو. سنڌ جي صـدائن ۽ وُفائن جي واٽ جو ھي مسافـر، سنڌ جي سونھن ۽ ثقافـت جو سنگتي انسان ذِلتن جي ڏينھن ۾ بہ آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا پيرا کڻندي حق سچ، صوفيت ۽ انسانيت جي علمبردار رھندي جھدوجھد جا قافلا ساڻ ڪندي سِـڪ ۽ سچائيون ڳوليندڙ ھي شخص ڪڏھن بہ سنڌ واسين کان نه وسرندو. بشير خان قريشي سـنڌ جي قـومپرست سياست ۽ جھدوجھد جو ھڪ وڏو نالو ھو، پاڻ وڏن ماڻھن واري سياست ڪرڻ نه ڄاڻندو ھو سنڌ ڌرتيءَ جي ڏُوکن ڏُوجھرن کان نجات ڏياري آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ جھدوجھد ڪندڙ ھي ارڏو انسان پنھنجي پُٺئُ تي ڦٽڪن جا نشان سجائيندي ڪال ڪوٺڙين جون اذيتُون سھندي مُنھن تي مرڪ رکندي فـڪرِ سيد جو وارث ڪندي جھدوجھد ۽ مستقل مزاجي سان سامراجيت خـلاف ويڙھ ۾ جُنبيل ھي انسان سدائين لاءِ اسان جي حصي ۾ آيو جيڪا سنـڌ جي سرزمين جي وڏي خوشنصيبي آهي. اڄ ۱۰ آگسٽ محبوب چيئرمين جو جنم ڏينھن آھي. ۱۰ آگسٽ ۱۹۵۶ع جو سُورج سـنڌ جي خوابن ۽ اميدن کي ھڪ وڏو سھارو ڏيندڙ روشنيءَ بڻيو، جنھن ڏينھن سـنڌ لاءِ ھڪ وڌيڪ ڌڙڪندڙ دل پاڻ ۾ محبت ۽ رواداري رکندي سنڌي قوم جي ڏُکويل چَھرن تان مُرجھايل مُـرڪن کي لاھي ھڪ ٽھڪندڙ ۽ مُـرڪ سان لافاني چـھرو ڏيندڙ ٻار جنم ورتو ھو.
ھن ٻار رتيديري جي گِھٽين ۾ کِـيڏندي عمر جي تقاضائن تي پورو لهندي انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ سنـڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ايڊميشن وٺي پنھنجي مستقبل ۾ سنـڌ سمائي نڪتل ھي اُترادي شاگرد ھڪ ڏينھن ساري سنـڌ جو پرينءَ ٿي ويندو اھو ڪنھن ٿي ڄاتو.اڳتي هلي سنڌ جي عشق ۾ سڀ ڪجھ لُٽائيندي پاڻ رَنڱ ذات ۽ قبيلن واري سوچ کان ھٽي ڪري سنـڌي قوم جي ڀرپور نموني سان مالڪيءَ جو دعويدار ٿيو. رتيديري جو ھي اُترادي ڇُوڪرو جنھن ان وقت سياست جي شروعات ڪئي جنھن وقت سـنڌ جي ڌرتيءَ مٿان ضياءَ الحق جي مارشلا لا جا ڪارا ڪـڪر ڇانيل هئا ۽ سنـڌ جو نالو وٺڻ ڪاريھَر تي پير رکڻ برابر هو. ۱۹۹۰ع تائين جساف جو صدر رھندڙ بشير خان ۹۵ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين چونڊيو ويو. سـنڌ جي قومپرست سياست دوران جيل جون سختيون برداشت ڪندي ٽوٽل ڇھـ سال ڏھ مھينا جيل ۾ رھيو. شھيد بشير خان قريشي رياستِ پاڪستان جي دلالن جي مُنھن تي ھڪ زُوردار چماٽ وانگي ھو. شھيد وڏو جيڪو ڪربلا جيان ڏِيک ڏيندڙ منھنجي سنڌڙي کي سھارو ڏيندي ساري سـنڌ کي پنھنجو سمجھندڙ فرشتي مثل انسان ھو.جيڪڏھن زندگيءَ ۾ چاھي ھا تہ پنھنجي رُوح جي چپن کي ساقي جي ساھِيي ۾ گذاري سُڪون جي زندگيءَ جا خُمار وٺي سگھي ھا پر انڊلِٺي رنگن جھڙو وڻندڙ ھي انسان ڪڏھن بہ پنھنجي ذاتي زندگيءَ کي سنڌ کان مٿي ترجِيح نہ ڏني.شھيد وڏي سَرد ۽ ڪارِين راتين ۾ پنھنجي دردن ۽ سُورن کي مات ڏئي سموري سنڌ جي آجپي لاءِ جهدوجهد جو سُرخ پرچم بلند ڪيو.سـنڌي ٽُوپي ۾ صدا وڻندڙ ھن انسان مٿان قاتلاڻا حملا به ٿيندا رھيا. سياسي جھدوجھد دوران ھن انسان ذاتي ۽ قبيلائي جھيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو.شھيد بشير خان جڏھن سـنڌ لاءِ جھدوجھد ڪندي روڊن رستن جي سُـونھن بڻجندو هو تہ سـنڌ دشمن قوتـون حيران بڻجي وينديون هيون. انھيءَ دوران سموري سنـڌ کي ھڪ وڏي اُميد ھوندي ھئي تہ ھڪ ڏينھن ضرور سـنڌڙي مٿان فڪرِ سيد جي ڇانُٔ ۾ آزاديءَ جو ڳاڙھو جھنڊو پنھنجي مستيءَ ۾ جُـھولندو ۽ سامراج قوتـون پنھنجي ناڪاميءَ تي ماتـم ڪندي ديش ڀڳتن کي لال سلام چونديون. ۽ پوءِ اُھو ٿيو جيڪو ھر وطن لاءِ ٿيندڙ جنگ ۾ ھڪ سچي ۽ کَري اڳواڻ جي لاءِ مقرر ھوندو آھي دُوکو، فرِيب، پنھنجن جي لالچ ۽ غداريءَ جي سبب سامراجي قُـوت پنھنجون اِٽڪلون ھلائيندي اُتر سنڌ جي ھن اِرڏي شخص کي ۷ اپريل جي رات وڏي سازش تحت شھيد ڪري سـنڌ جي آزادي خوشحاليءَ ۽ فڪرِ سيد جي جھدوجھد جي لال پرچم ھڪ ڀيرو وري ھيٺ ڪيو ويو.پر سنـڌ دشمن قوتن کي اھا ڄاڻ ناھي تہ جيئي سنڌ قُـومي محاذ جڏھن کان بنياد پيو ھو تڏھن کان ان جو ٻيو نالو مقتل گاھ ھو جنھن جي راھ تي ھلندي ڪيترن ئي دلير اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پنھنجي رَت سان وطن کي شاد آباد رکندا اچن ۽ ھڪ ڏينھن ضرور محبوب اڳواڻن سان گڏ جساف جي قيادت پنھنجي مقصد ۾ سُـوڀ حاصل ڪندي ۽ ھن رياست کي پنھنجا سمورا مقـصد ۽ سـنڌ دشمن فيصلا مُنھن ۾ ھڻي ھڪ آزاد ۽ خُودمختيار وطن جي دعويدار ھي سنڌي قوم ٿيندي. سـن واري سائين جي ھن شيدائي بشير نه رڳو آزاديء خوشحاليءَ ۽ فڪرِ سيد کي عام ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ لکين ماڻھن کي گڏ ڪيو پر ھن وڏي اعلان اھو بہ چيو تہ سواءِ آزادي جي سنڌين کي سمورا حق ۽ وسيلا ملڻ ممڪن ئي ناھن. سنـڌ جي بـقا آزاديء ۽ خوشحاليءَ جي جنگ جو ھي ڪمانڊر انسان ڪڏھن بہ سامراجيت جي اڳيان نہ جُهڪيو. قومي آزادي جي تحريڪ کي رُوڪڻ لاء سامراجيت بيشمار ھٿيارن، چُـالن، حِـرفتن ۽ رنڊِڪن سان ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا پر شھيد وڏي آزادي جي تحريڪ ۾ اھڙو تہ روح ڦُـوڪيو ھو جنھن ۾ ڪيترائي ڳَڀرو جوان پنھنجي محبوبائن کي وساري وطن جي راھ ۾ اچي بيھندا ھئا.جڏھن بہ ڪنھن قـوم ۾ آزادي ۽ خودمختياري جي جنگ جُوٽڻ جو جذبو پنھنجي انتھا ۽ عُروج تي پھچي ويندو آهي تہ ان وقت قابض طاقت (سامراج) کي اھا پڪ ٿي ويندي آهي تہ بربادي ۽ ذلت جلدي حصيدار ٿيڻي آھي. شھيد بشير خان قريشي آزاديءَ جو اھڙو تہ عاشـق ھو جو چوڏھين جي رات ۾ جواني ماڻيل چنڊ جو عڪس سنڌوُ جي پاڻي تي ھڪ اُوپرو لڳندو هو محبوبن جي مُـرڪ کي بہ آزادي جي راھ ۾ قربان ڪري چڏيندو ھو. سنـڌ جي دلير ۽ بھادر ڪردار جو راھي بشير خان قريشي سڄي زندگيءَ صرف ان سورھيائي ۽ سچائي جي گس تي گذاري چڏي تہ جنھن جي آرزوءَ ھر پيغمبر انسان جي ھوندي آھي. ۷ اپريل جي رات شھيد وڏي جي وڇوڙي تي نہ رڳو سڪرنڊ کان رتيديري تائين ڪامريڊن جي گاڏين جي شيشن مان نظر ايندڙ چنڊ اُداس ھو پر انھيءَ رات ٽنڊي ڄام جي پُوڙھن ۽ جھونن وڻن کي بہ لُڙڪ لاڙيندي ڏٺو ويو.
سيد کان پوءِ سنڌ جو تون ئي ھئي آواز،
تو بن ھاڻي اياز سنڌ نڌڻڪي ٿي لڳي،

پهنجو تبصرو موڪليو